اليڪشن 2013سکر

خورشيد شاھ ۽ سف الله ڌاريجو جا فارم بحال ٿي سگھيا، فيصلو اڄ ٿيندو

عمر سومرو ،سکر
پ پ جي مرڪزي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سيف الله ڌاريجو جا فارم بحال نه ٿي سگهيا سندن فارمن بابت فيصلو اڄ آچر ڏينهن ٿيندو پي ايس3 پنو عاقل جي اميدوار ڄام سيف الله ڌاريجو رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيو جنهن پاران سندس ڊگري بابت پڇاڻو ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته مون وٽ ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي ڊگري موجود آهي ۽ ان جي اصل ڪاپي پڻ آءٌ ساڻ کڻي آيو آهيا رٽرننگ آفيسر پاران هائر ايجوڪيشن اٿارٽي کان نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري جمع ڪرائڻ واري هدايت تي هن هڪ ڏينهن جي مهلت گهري سيف الله ڌاريجو پنهنجي ڊگري کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن بعد آچر ڏينهن ٻيهر رٽرننگ آفيسر آڏو پيش ٿيندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button