دادو

ارباب غلام رحيم نيڪ نمازي ۽ نيڪ مرد آهي، ڊاڪٽر مسرت لغاري

نويد قريشي، دادو
Arbab Ghulam Raheemدادوـ پيپلز مسلم ليگ جي سربراهه ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي ميڊيا ٽرائل خلاف ۽ سندس حمايت ۾ مخصوص سيٽن پي.ايس75 جي اميدوار ڊاڪٽر مسرت لغاري،ممتاز لغاري،شاهد حيدري جي اڳواڻي ۾ پيپلز مسلم ليگ جي ڪارڪنن مردن عورتن پاران سوين ماڻهن ضلع آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي . ڊاڪٽر مسرت لغاري ۽ ممتاز لغاري چيو ته اسان جي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي. ارباب غلام رحيم نيڪ نمازي ۽ نيڪ مرد آهي اسان هن جا پراڻا ڪارڪن آهيون اسان سندس خلاف ميڊيا ٽرائل برداشت نه ڪنداسين جيڪو ميڊيا ٽرائل ڪندواسان ان خلاف احتجاج ڪنداسينهنن چيو ته ميڊيا ٽرائل ۽ پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button