مختصر خبرون

هنڱورجا:خوراڪ کاتي پاران سڳيون ۾ ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کولڻ خلاف آبادگارن جو مظاھرو

انڊس نيوز، ھنڱورجا
خوراڪ کاتي پاران سڳيون ۾ ڪڻڪ خريداري سينٽر نه کولڻ خلاف آبادگارن غلام قادر ڪلهوڙو، امتياز متو، ابراهيم چنو، محمد مٺل ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمود چنه چوڪ کان احتجاجي مارچ ڪري رهبر چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن الزام لڳايو ته ڪڻڪ ۾ ٻن هفتن کان لابارو شروع آهي. ڪڻڪ زمين تي کلي آسمان هيٺ پيل خراب ٿي رهي آهي خوراڪ کاتي پاران اڃان تائين سينٽر نه کوليو ويو آهي ۽ نه ئي وري بارداڻو فراهم ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿي ته ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. هنن وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ خريداري سينٽر کوليو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button