اليڪشن 2013مورو

مورو ۾ نيشنل پيپلز پارٽي پاران اليڪشن سيل قائم

جاويد ڪانڌڙو، مورو

مورو ۾ نيشنل پيپلز پارٽي پاران اليڪشن سيل قائم
مورو ۾ نيشنل پيپلز پارٽي پاران اليڪشن سيل قائم

مورو ۾ نيشنل پيپلز پارٽي پاران اليڪشن سيل قائم ڪيو ويو جنهن جو افتتاح سرفراز علي ميمڻ، اعجاز حسين ميمڻ، انور علي ميمڻ، محمد هاشم نول ڪيو ان موقعي تي هنن اڳواڻن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي جنهن جي ذريعي جتوئي برداران غلام مرتضى جتوئي، مسرور احمد جتوئي، عاقب خان جتوئي عارف مصطفى جتوئي وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻيندا ڇو ته هنن هميشھ سنڌ جي حقن جي حاصلات شهرن ۽ ڳوٺن جي ترقي ۽ تعمير روڊ رستا اسڪول اسپتالون قائم ڪرايون آهن اهو ئي سبب آهي ته هر اليڪشن ۾ اين پي پي جا اڳواڻ ڪامياب ٿيندا رهن ٿا هنن چيو ته مخالفن عوام کي مهانگائي، بد امني بي روزگاري کان سواءِ ڪجھ به ناهي ڏنو سنڌ کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پ پ حڪمرانن ويندي ويندي به سنڌ جا ٻيٽ پڻ ڌارين کي تحفي طور ڏئي سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري ويا عوام سنڌ دشمن اميدوارن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندو سنڌ جي مفادن ۽ حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙن جتوئي برادران کي اليڪشن ۾ ووٽ ڪري سرکرو ڪندا.ان موقعي تي عبدالقيوم ميمڻ، رياض غوري، ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button