مختصر خبرون

صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه 20 اپريل ٽن ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، حيدرآباد
صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه سڀاڻي 20 اپريل 2013 تي ڄامشوري ، حيدرآباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ صحت جي مختلف اسڪيمن جو افتتاح ڪندو _ تفصيل موجب صحت کاتي وارو وزير سڀاڻي صبح جو 8 وڳي نوري آباد ضلعي ڄامشوري ۾ 30 بسترن تي مشتمل اسپتال جو افتتاح ڪندو جنهن کانپوءِ ساڍي 9 وڳي لمس اسپتال ڄامشوري جو دورو پڻ ڪندو _ بعد ۾ ساڍي 11 وڳي هالا ۾ “ڪميونٽي مڊوائفري اسڪول ” هالا جو افتتاح پڻ ڪندو _ هو بعد ۾ منجهد جو اڍائي وڳي لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد ۾ صحت جي خدمتن واري مختلف اسڪيمن جي توسيع ۽ واڌاري وارن منصوبن جو افتتاح پڻ ڪندو _ نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد جنيد علي شاهه قاسم آباد ۾ واقع جيجل ماءُ اسپتال جو دورو پڻ ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button