سنڌيونيورسٽي

سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو

سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن  جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي
سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي
سنڌيونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بائيوڪئمسٽري ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي، جنهن ۾ بي ايس پارٽ پهريون ۽ بي ايس پارٽ چوٿون جي بائيوڪئمسٽري جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. ماڊلز جي نمائش ۽ پوسٽر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا جي نگراني ۾ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي شاگردن بائيوڪئمسٽري جي مختلف ٽاپڪن بابت پيش ڪيل پوسٽرن ۽ ڄاڻايل مضمون سان لاڳاپيل اوزارن، ۽ کاڌ خوراڪ، ماحولياتي رخن، دل جي بيمارين ۽ ٻين دل سان واڳيل شين جي ڄاهيل ماڊلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الهه بخش گهانگهري ماڊلز نمائش جو دورو ڪيو . سندس چوڻ هو ته شاگرد تمام اهم ڄاڻ پوسٽرن ۽ ماڊلز ذريعي مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان شاگردن کي تحقيق ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button