ڪراچي

بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن انتهائي خراب ٿي رهي آهي،امتياز شيخ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ ڪراچي
SanaullahZehri-PML-N-Family-Killed-Khuzdaپاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي سڪريٽري جنرل امتياز احمد شيخ نواز ليگ بلوچستان جي صدر ثناءُالله زهري جي ڪافلي تي ٿيل قاتلاڻي بم حملي ۽ ان جي نتيجي ۾ سندس ڀاءُ، مهرالله زهري، پٽ سڪندر ۽ سندس محافظ جي مارجڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن انتهائي خراب ٿي رهي آهي ۽ چونڊ سرگرميون به مشڪل بڻجي ويون آهن. فنڪشنل هائوس تان جاري ڪيل بيان ۾ امتياز احمد شيخ وڌيڪ چيو آهي ته موجوده حالتون گذريل حڪومت جي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جنهن سبب هن وقت ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ ڪراچي شهر بدامني جي باھ ۾ سڙي رهيو آهي. بلوچستان ۾ هن وقت جڏهن پوري صوبي اندر انتهائي غير يقيني واري صورتحال ڇانيل آهي اهڙي ماحول ۾ جيڪي به ڌريون بلوچستان مان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن انهن کي چونڊن کان پري ڪرڻ وارين سازشن کي ناڪام ڪرڻ ۾ نگران حڪومت ۽ ملڪ، عوام ۽ جمهوريت پسند ڌرين کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. امتياز احمد شيخ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ڍيو آهي ته بلوچستان ۾ عوام ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پارٽيون توڙي انهن جا ڪارڪن انهائي عدم تحفظ جو شڪارا آهن انڪري حڪومت کي امن امان قائم ڪرن لاءِ اهڙا قدم کڻڻا پوندا جيئن بلوچستان جي عوام، سياسي پارٽين توڙي اليڪشن اميدوارن مان عدم تحفظ واري ڪيفيت مڪمل طور تي ختم ٿي وڃي . اهي آزاداڻي نموني سان پنهنجون چونڊ سرگرميون جاري رکي سگهن ۽ پولنگ واري ڏينهن ووٽر بنا خوف جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن.
ٻي طرف پڌرائي موجب فنڪشنل ليگ جي سيڪريٽري جنرل امتياز احمد شيخ سميت مرڪزي اڳواڻن نصرت سحر عباسي، ، فقير جادم مڱريو، سينيٽر مظفر حسين شاھ، زبير ميمڻ، قاسم سراج سومرو، مير محمد کوکر ،ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ، اڪبر شاھ راشدي پاران سنڌ جي سينئر سياسي اڳواڻ ۽ ليکڪ مير محمد ٽالپر جي وافات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مير محمد ٽالپر هڪ صاف شفاف سياسي ڪردار جو مالڪ هو. سندس ملڪ خاص طورتي سنڌ جي سياست ۾ اهم ۽ مثبت ڪردار کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. اڳواڻن چيو ته مرحوم سنڌ ي ادب ۽ ٻولي لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون اهي به تارخ جو هڪ اهم باب آهن جن کي پڙهي نئون نسل تاريخ کان واقف ٿي مستقبل جي لاءِ پنهنجي صوبي ، ماڻهن توڙي سنڌي ادب جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button