مختصر خبرون

بشير خان قرشي جو ويجهو ساٿي قومي ڪارڪن نظير احمد سومرو لاڏاڻو ڪري ويو

باڊهه: باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ وليج جو رهواسي قومي تحريڪ واري جدوجهد ۾ هر وقت سرگرم رهندڙ ۽ بشير خان قرشي جو ويجهو ساٿي قومي ڪارڪن نظير احمد سومرو ڪجهه وقت بيمار کان ڪاري ڪامڻ جي بيماري ۾ مبتلا رهڻ بعد 42 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي مٿا اڳوڻي ماڊل ڊڪٽيٽر آمر جنرل ضياءَ جي دور ۾ بغاوت جو ڪيس به داخل ٿيل هو، جنهن ۾ کيس 14 سال سزا به آيل هئي، جنهن ۾ هو روپوشي واري زندگي گهاريندو رهيو، آخر ۾ بيماري سبب هو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم کي سندس اباڻي ڳوٺ سيهڙ وليج ۾ اباني قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ مرحوم جي مائٽن کان علاوه ذاتي دوست توڙي قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button