اليڪشن 2013ھنڱورجا

هنڱورجا: ايندڙ اليڪشن ۾ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان ۾

ايندڙ اليڪشن ۾ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان ۾
ايندڙ اليڪشن ۾ پراڻن چهرن سان گڏ نوان چهرا به ميدان ۾
خيرپور ضلعي جي 3 قومي اسيمبلي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي هن ڀيري پراڻن چهرن سان گڏ نون چهرن به چونڊ وڙهڻ لاءِ سندرا ڇڪي ورتا ۽ پارٽين کان ٽڪيٽ گهري ورتي ضلعي اندر ٽڪيٽ نه ملڻ جو صورت ۾ ڪيترائي اميدوار پارٽي جو پاسو بدلائڻ ۾ دير نه ڪندا، پي پي ، فنڪشنل ليگ اميدوارن 3 ،3 تڪن تي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون اصل مقابلو ٻنهي پارٽين جي اميدوارن ۾ ٿيندو باقي ٻين پارٽين جا اميدوار پنهنجو ڀاڳ آزمائيندا.
رپورٽ موجب خيرپور ضلعي جي 3 قومي 6 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي پراڻن چهرن سيد قائم علي شاه، سيد غوث علي شاهه، منظور وساڻ، ساجد ٻانڀڻ، صدرالدين شاهه، نياز حسين شاهه، جاويد شاه، رفيق ٻانڀڻ، نعيم کرل ، فضل علي شاهه، سيد ڪاظم علي شاهه کان سواءِ نوان چهرا سيد راشد شاهه، ايم بي عباسي، نثار شر، عمر مصطفي شاهه ، فقير عنايت هيسباڻي، سيد معشوق علي شاهه، سميت ٻيا ڪيترائي اميدوار ميدان تي اچي پنهجي پنهنجي پارٽين کان ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. هن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب اين اي 217 تي پي پي جي پير فضل علي شاهه کان علاوه ايم بي عباسي، نواب وساڻ ، پير پيار علي شاهه، ٽڪيٽ لاءِ پارٽي کي درخواست ڏني آهي جڏهن ته فنڪشنل ليگ پاران پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ، سيد محرم علي شاهه ، پير عمر مصطفي شاهه، هن تڪ تي چونڊ وڙهڻ لاءِ پارٽي اندر سرگرم آهن جڏهن ته هن تڪ تي گذريل اليڪشن ۾ پير فضل علي شاهه، سيد ڪاظم علي شاهه کي شڪست ڏئي ايم اين اي بڻيو ۽ هن ئي تڪ تي مرحوم عبدالقادر شاهه جيلاني، پير صدرالدين شاهه راشدي کي ٽي ڀيرا هارايو هيو. هن تڪ تي پي پي جي پير فضل علي شاهه ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي پير سيد ڪاظم علي شاهه جي وچ ۾ ون ٽو ون مقابلي جا امڪان آهن. اين اي 215 خيرپور ، ڪوٽڏيجي تي پي پي جي سيد نفيسا شاهه ، نواب وساڻ، سيد جاويد علي شاهه جيلاني، جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ پاران سيد عقيل حيدر شاهه ، طاهر امتياز ڦلپوٽو، مير ڏنل خان ٽالپر، راڄوڻي اتحاد پاران انجنيئر شير محمد ڦلپوٽو ۽ مسلم ليگ ن پاران الهورايو سومرو ، پرنس مير مهدي رضا ٽالپر ، چونڊ وڙهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڪئي آهي. هن تڪ تي مسلم ليگ ، پ پ ۽ نواز ليگ جي اميدوارن جي وچ ۾ ٽي طرفي مقابلو ٿيندو. جڏهن ته اين اي 216 فيض گنج نارو تي پي پي جي ساجد ٻانڀڻ ، فقير بخت علي هيسباڻي، فنڪشنل ليگ جو صوبائي صدر پير صدرالدين شاهه راشدي اميدوار هوندو ۽ نواز ليگ پاران فقير عنايت هيسباڻي چونڊ وڙهڻ لاءِ سندرو ٻڌو آهي. هن تڪ تي گذريل اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه راشدي چونڊ کٽي ايم اين اي بڻيو. هن ڀيري به پي پي جي ساجد ٻانڀڻ ۽ فنڪشنل ليگ جي پير صدرالدين شاهه راشدي جي وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيندو. پي ايس 29 خيرپور تي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه پنهنجي پٽ سيد اسد شاهه جيلاني کي ميدان ۾ لاهيندو ان کان علاوه سيد جاويد شاهه جيلاني به پ پ جو اميدوار آهي. هن تڪ تي مسلم ليگ نواز جي صوبائي صدر سيد غوث علي شاهه ، نواز علي شاهه ، فنڪشنل مسلم ليگ جي سيد عقيل حيدر شاهه ، چوڌري ساجد حسين اميدوار طور تي سامهون اچڻ جا امڪان آهن. اهيو معلوم ٿيو آهي ته هن تڪ تي سيد قائم علي شاهه توڙي سيد غوث علي شاهه چونڊ نه وڙهڻ ۽ پنهنجا پنهنجا مضبوط اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ايس 30 ڪنگري تي فنڪشنل مسلم ليگ جي پير صدرالدين شاهه راشدي، سيد راشد شاهه ، سيد اسماعيل شاهه مان ڪو هڪ اميدوار اچڻ جا امڪان آهن . ان جي مقابلي ۾ پ پ پاران اڳوڻو ايم پي اي پير سيد بچل شاهه جيلاني، منور وساڻ ميدان ۾ لهڻ جو امڪان آهي. پي ايس 31 فيض گنج تي فنڪشنل ليگ جي اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ، ارباب شاهد ٻانڀڻ، اختر راڄپر، جڏهن ته پ پ جي زاهد ٻانڀڻ ، ڪاشف ٻانڀڻ، شوڪت راڄپر، فقير بخت هيسباڻي، نواز ليگ پاران فقير بخش هيسباڻي ، فقير عنايت هيسباڻي ٽڪيٽ لاءِ پارٽي کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته پي ايس 32 ڪوٽڏيجي تي پ پ پاران منظور حسين وساڻ مضبوط اميدوار آهي ان جي مقابلي ۾ فنڪشنل ليگ پاران پير صدرالدين شاهه راشدي، مير ڏنل ٽالپر، ارباب پلهه، محبت خان راڄپر، نواز ليگ پاران الهورايو سومرو. چونڊ وڙهڻ لاءِ سرگرم آهن. گذريل اليڪشن ۾ هن تڪ تي منظور حسين وساڻ پير صدرالدين شاهه راشدي کي شڪست ڏئي ايم پي اي چونڊيو. پي ايس 33 ٺري ميرواهه تي پ پ جي پيار علي شاهه ، نثار شر، سيد جاويد شاهه جيلاني، ساجد ٻانڀڻ، پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي جڏهن ته نثار شر کان سواءِ اميدوارن جو ٺري ميرواهه تعلقي سان انهن جو تعلق ناهي. هن تڪ تي پ پ سميت ٻين پارٽين مقامي اميدوار کي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران ٻين تعلقن جي اميدوارن کي ٽڪيٽ ملندي رهي آهي هن ڀيري فنڪشنل ليگ پاران پيرسيد معشوق علي شاهه جيلاني، فقير سڪندر علي شر ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي ۽ هن تڪ تي نواز ليگ پاران فقير عنايت هيسباڻي ، فقير بخش هيسباڻي، الهورايو سومرو به پنهنجي قسمت آزمائيندا. هوڏانهن سياسي پارٽين پاران سدائين مقامي اميدوار کي ٽڪيٽ نه ملڻ سبب هن ڀيري مختلف برادرين پاران پنهنجو گڏيل اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ڏس ۾ راڄوڻي اتحاد جي اهم گڏجاڻي ڏيپارجا ۾ جهوني سياسي ڪارڪن حاجي علي نواز سهتو جي رهائش گاهه تي ٿي. پي ايس 34 گمبٽ صوڀوديرو تڪ تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي نعيم کرل ، اڳوڻي ايم اين اي فضل علي شاهه ، اڳوڻي ايراني سفير ايم بي عباسي پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي جڏهن ته فضل علي شاهه قومي اسيمبلي بدران صوبائي اسيمبلي جي هن تڪ تي چونڊ وڙهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن تڪ تي فنڪشنل ليگ پاران سيد محرم علي شاهه ، سيد عمر مصطفي شاهه ، خالد شيخ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آهي نواز ليگ پاران پير سيد آصف علي شاهه جيلاني چونڊ وڙهندو اصل مقابلو پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن جي وچ ۾ ٿيندو. اهڙي طرح خيرپور ضلعي جي 3 قومي ۽ 6 صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي دلچسپ مقابلا ٿيندا. اميدوار هاڻي کان ئي رٺلن کي پرچائڻ توڙي پنج سالن پراڻيون عزرخواهيون ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن گذريل اليڪشن ۾ خيرپور ضلعي جي 3 قومي اسيمبلي جي سيٽن مان ٻن تي پ پ اميدوار نواب وساڻ ۽ پير فضل علي شاهه ڪامياب ٿيا ۽ هڪ تي پير صدرالدين شاهه ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 6 سيٽن مان 4 سيٽن پ پ جي سيد قائم علي شاهه، سيد پيار علي شاهه، نعيم کرل ، منظور حسين وساڻ ڪامياب ٿيا. ٻن سيٽن تي فنڪشنل ليگ جي پير صدرالدين شاهه ۽ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته صدرالدين شاهه جي خالي ڪيل سيٽ تي پ پ جي سيد بچل شاهه ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چونڊن ۾ صورتحال ڪجهه مختلف آهي فنڪشنل ليگ ۽ پ پ جي اميدوارن ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيندو سياسي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته فنڪشنل ليگ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون ڪڻندي. هاڻي جڏهن ته 24 مارچ کان چونڊ فارم وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ته جن اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ملندي اهي پارٽي بدلائي سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button