شاعري

هوءَ سڏي ٿي پئي

منظور سولنگي
Indus River
هوءَ سڏي ٿي پئي
تون نه ڏين سڏ اڃان
سنڌ جا نوجوان
سنڌ جا نوجوان
اچ ڪسڻ لاءِ ڪڏي
جيءُ جيءُ چئي امان
سنڌ جا نوجوان…
وطن خاطر ڪڏين ڪين گهر مان تڙين
جيل ڪڏهين نه وئين ۽ نه سوليءَ چڙهئين
فرض پورا نه ٿيا قرض آهن گهڻا…
سنڌ جا نوجوان
مست موجن ۾ سنڌو جا وهندي هئي
سنڌ ساري انهيءَ تي ئي جيئندي هئي
ڪير ويو سا کڻي پنهنجي پوتر امان
سنڌ جا نوجوان
شهر منهنجا سمندر دريائن مٿان
کائجي پائجي سڀ ويا ڌارين هٿان
ڪيٽي بندر ڪلاچي ڪٿي ڳوليان
سنڌ جا نوجوان
منهنجون ڀليون ٻنيون چڪ ۽ ڪيٽيون ٻنيون،
جيڪي باقي بچيون سم ۽ پوٺو ٿيون
مال چاريان ڪٿي پيٽ پاريان ڪٿان
هوءَ سڏي ٿي پئي،
امن ۽ سونهن وطنان لڏي ويا هليا،
مور ڳيرو ڪبوتر ڇڏي ويا هليا
ڪوڪ ڪوئل سنڌي شال ٻيهر ٻڌان
سنڌ جا نوجوان
ڄام نندي جو مهراڻ موٽي اچي
ڪارونجهر جي مٿان مور ٻيهر نچي،
ڪاسبي جي مندر ۾ ڪهوٽا ٻڌان
سنڌ جا نوجوان
سنڌ جي قسمتن ۾ طلاتم مچي
ميد، ماڇي دراوڙ ڪو حاڪم ٿئي،
ڀيل ۽ باگڙي من اچي ڪو اڳيان
سنڌ جا نوجوان،
هوءَسڏي ٿي پئي
تون نه ڏين سڏ اڃان
سنڌ جا نوجوان
شهر ديبل سنڌو شال ٻيهر وسي
مهنهجو ايندڙ نسل سنڌ آجي ڏسي…
مون کي قسم آراجا ڏاهر جو
جنهن رستو روڪيو ڪانئر جو
مونکي قسم آ شاه عنايت جو
مخدوم بلاول جي رت جو،
جتي پيڙيو ويو ان گهاڻي جو
جڏ ماريو ويو ان ٽاڻي جو،
مون کي قسم آ سنڌ جي دختر جو
ٻاگهل ۽ بختاور جو،
مون کي قسم آنظير عباسيءَ جو
۽ ڀٽي واريءَ ڦاسيءَ جو
مير فاضل راهوءَ جو
۽ شاه بندر جي شهيدن جو
ٻوليءَ وارن پيارن جو
۽ ٽوڙيءَ وارن يارن جو
موري ميهڙ وارن جو
۽ ناٿن شاه جي ٻارن جو،
سڪرنڊ وارن پاڙن جو
۽ لاکاٽيهر بندر جو
مونکي قسم آ سنڌ جي ناريءَ جو
الزام لڳو جنهن تي ڪاريءَ جو
بابي مڙس ۽ ڀاءُ هٿان بيدرديءَ سان ماري وئي
بي ڪفني ايئن پوري وئي
ڄڻ اڪ ٻوٽي جي ٽاري هئي،
ڪنهن ڪونه رنو جهنهن مند ڪٺي،
۽ ٺاهي ڪنهن نه انهيءَ تي بٺي،
مونکي قسم آ سنڌ جي جيلن
۽ بند پيل اربيلن جو ،
تنهن چڪرن ڦاسيءَ گهاٽن جو
۽ ان ۾ لڙڪيل ڳاٽن جو ،
مونکي قسم آ سنڌ جي ٻيلن جو
۽ ٻيلن جي ڌاڙيلن جو
جيڪي زوريءَ ڊاڪو ٺاهيا ويا
۽ ڌوڪن سان پوءِ ماريا ويا،
مون کي قسم آ ٽنڊي بهاول جو
۽ حاڪم زاديءَ زيبل جو
جيڪي پنهنجو پاڻ ته ساڙي ويون
پر دشمن ڦاهيءَ چاڙهي ويون،
مون کي قسم آ قرب ڪهاڻيءَ جو
ان نوري۽ ماڇيءَ هاڻِيءَ جو،
ان سسئي ءَ ارن سورن جو
۽ مومل وارن پورن جو
سهڻيءَ وارن گهِيڙن جو
۽ سامونڊن جي ٻيڙن جو
۽ مارئيءَ جي تن مارن جو“
وينکي قسم آ ڄام تماچيءَ جو
دکيل شهر ڪراچيءَ جو
ان بحر سمندر جو
ڪياماڙي ڪيٽي بندر جو
۽ لاکا پير جي مندرجو
۽ ان جي جڙيل سر سر جو
جن سنڌ مٿان ظلمات مڙهي
۽ ڏينهن جو ڪاري رات مڙهي
سا ڪاري رات نه رهڻي آ
۽ موسم نيٺ بدلڻي آ
جڏ سنڌي ٻيهر سوچيندا
۽ تبديليءَ لاءِ ڪر کڻندا
غيرن تي للڪار ڪري
۽ ڌارين تي يلغار ڪري
رستن تي رت ڳاڙيندا
۽ اجرڪ جهنڊا چاڙهيندا
۽ سنڌجا جان نـثار وري
سارو ديس سنڀاليندا
وسيل چلها ٻاريندا
ڍاهيندا ۽ کائيندا
کرڙيءَ جي ميدان مٿان
ساري سنڌ شهيدن جي
ڄاڃي طور گهرائيندا
۽ آزاديءَ جي ونڙيءَ کي
هن ديس سان لانئون ڏياريندا
مهمانيون موٽائيندا اوطاقون وسرائيندا
۽ ڀاڳيا کير کي ير چئي
واهڻ منجه ورهائيندا
ساڳ ۽ جهل مريڙي کي
لوڻڪ سان گڏ چاڙِهيندا
۽ موئن جي دڙي جي ماٿر جو
امن ٻيهر اٿلائيندا
سنڌ جي هر هڪ نوٽ مٿان
هو ساڳو ڏاند ڇپائيندا
۽ نچڻي واري مورت کي
قومي نشان بڻائيندا
۽ مخموري نيڻ کڻي جڏ
ڪر کڻي ڳالهائيندا
سڀ هٿيار وڃائيندا
سڀ بارود ڀڃائيندا
۽ دنيا جي تهذيبن کي هي ءَ ٻيهر ڳالھه ٻڌائيندا
ته جڏ تهذيبن جو گهنٽ وڄي ان کان صديون سال اڳي
سنڌ مهزب ملڪ هئو امن هئو ۽ خلق هئو
خوشحال هيو آباد هيو، ۽ سڀ کان وڌ آزاد هيو
صدين جي سفر کان پوءَ وري
اڄ نقشي تي آه سنڌ اڀري
جا سنڌ بلاول مخدومي ۽
شاه عنايت ڳولي هئي
۽ شاه لطيف جي بيتن منجه ۽ واين ۾ پرولي هئي
جا سنڌ اياز بخاريءَ ۽ سرڪش حافظ ڳاتي هئي
جا سنڌ جتوئي سيد ۽ هوشوءَ پاڻ سڃاتي هئي
شهر ديبل سنڌي شال ٻيهر وسي
منهنجو ايندڙ نسل سنڌ آجي ڏسي
هوءَ سڏي ٿي پئي.
شهر ديبل سنڌو شال ٻيهر وسي
منهنجو ايندڙ نسل سنڌ آجي ڏسي
گيت بندش پيل سڀ ترانا ٻڌان
سنڌ جا نوجوان سنڌ جا نوجوان

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو