حيدر آباد

هلندڙ سال جي شروعات ۾ صوبي مان پوليو جي وائرس کي ختم ڪيو ويندو، ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو

Azra-Fazal-Pechuhoحيدرآباد : صدر پاڪستان پاران پوليو جي خاتمي لاءِ ملڪي سطح تي جوڙيل نگران ڪميٽي جي چيئرپرسن ايم اين اي ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو چيو آهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ صوبي مان پوليو جي وائرس کي ختم ڪيو ويندو هن چيو ته پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران پيش ايندڙ تقريبن سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آندو ويو آهي هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي ڊاڪٽر عذرا وڌيڪ چيو ته اسان پوليو وائرس جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته 2011 ۾ پاڪستان ۾ 198 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا هئا پر 2012 ۾ اها تعدا 58 تائين گهٽائي وئي ۽ هينئر تائين سال 2013 ۾ فقط 5 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان هڪ سنڌ ( ڪراچي) هڪ پنجاب ، ۽ 3 پوليو جا ڪيس خيبر پختونخواه ۾ ظاهر ٿيا آهن هن چيو ته پوليو مهم دوران پنهنجي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪندڙ والدين ۽ رهجي ويندڙ ٻار پوليو جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن پر اسان انهن مسئلن جي حل لاءِ پوليو مهم جي سخت نگراني ۽ انڪاري والدين کي راضي ڪرڻ لاءِ ضلعي عملدارن ، عوامي، مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن تي مشتمل گڏيل ٽيمن کي فيلڊ ۾ موڪليو جنهن جا بهترين نتيجا حاصل ٿيا آهن پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته هاڻي ته امام ڪعبه ۽ امام مسجد اقصه پڻ پنهنجي پنهنجي فتويٰ ۾ پوليو جي ويڪسين کي حلال قرار ڏنو آهي ۽ مسلمانن کي پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا قطره پيارڻ لاءِ چيو آهي هن چيو ته هاڻي اسان پنهنجي تبديل ڪيل حڪمت عملي تحت معمول واري حفاظتي ٽڪن جي مرڪزن ۽ پوليو جي ويڪسينيشن کي هڪٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ته جيئن 5سالن تائين جي عمر واري هر ٻار کي پوليو جا قطره پيارڻ سان گڏو گڏ حفاظتي ٽڪا لڳائڻ کي يقيني بڻايو وڃي هن چيو ته حيدرآباد، گڏاپ ۽ گلشن اقبال ڪراچي ۾ سيوريج جي پاڻي ۾ ماحولياتي پوليو وائرس ظاهر ٿيو هو جنهن تي ٿوري وقت ۾ لاڳيتو پوليو مهم هلائي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٽيمن تي دهشتگردن جي حملن بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته ڦڙا پياريندڙ ٽيمن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن هن پوليو جا قطره پياريندڙ ٽيمن تي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته انهن حملن ۾ فوت ٿي ويلن قوم لاءِ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي پوليو جي خاتمي واري پروگرام جي قومي فوڪل پرسن ايم اين اي شهناز وزير علي ان موقعي ته تفصيل ٻڌائيندي چيو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري 2010 ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسن جو سخت نوٽس ورتو هو ۽ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ذاتي طور تي پوليو کان بچاءُ واري پوليو مهم جي ملڪي سطح تي نگراني ڪرڻ جي ذميواري ڏني هئي جنهن کانپوءِ پوليو جي ڪيسن جي نه فقط روڪٿام ڪئي وئي پر انهن ڪيسن ۾ تيزي سان گهٽتائي پڻ اچي رهي آهي هن چيو گذريل سال سنڌ ۾ پوليو جا 4 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ هن سال هن وقت تائين فقط هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي هن چيو ته پوليو بابت ملڪي سطح تي نگران ڪميٽي ڪافي محنت ڪري رهي آهي ۽ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ان ڏس ۾ گڏجاڻيون پڻ ڪري رهي آهي ۽ پوليو جي خاتمي دوران درپيش مسئلن کي حل پڻ ڪري رهي آهي ان کان اڳ اڳوڻي ضلع ناظم سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ڪيل پوليو جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي اي ڊي سي ون جي اڳواڻي ۾ 4 رڪني ضلعي ڪميٽي جوڙين جنهن ۾ لاڳاپيل ضلعي صحت آفيسر، صحت جي عالمي ادري جو نمائندو۽ ڊسٽرڪٽ سپريٽينڊينٽ ويڪسينيشن ان جا ميمبر هوندا هن چيو ته ڪميٽي ويڪسين جي دستياب اسٽاڪ، استعمال ڪيل ويڪسين ۽ ضايع ٿيندڙ ويڪسين جو رڪارڊ رکڻ سان گڏ و گڏ هر ويڪسينيشن سينٽر جو اوچتو دورو ڪرڻ جي پڻ ذميوار هوندي هن چيو ته ويڪسينيشن سينٽر جي دوري دوران ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته فراهم ڪيل ويڪسين مناسب طور تي استعمال ڪئي وئي آهي ۽ معلومات حاصل ڪئي وڃي ته ڪيترن ٻارڙن ڦڙا پيتا آهن ۽ ڪيترا رهجي ويا آهن هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته جيڪي به ماڻهو سمجهائڻ باوجود به پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا قطره نه پيارين ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڇا ڪاڻ ته اسين ڪجهه ماڻهن جي انڪار سان پوري ملڪ جي ٻارڙن کي هميشه جي محتاجي واري خطري ۾ نه ٿا وجهڻ چاهيون ضلعي انتظاميه حيدرآباد جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ پوليو ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جي تعريف ڪندي ڊاڪٽر عذرا پيچوهو حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي به پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ اهڙا ڪنٽرول روم قائم ڪن ته جيئن پوليو جا خاتمي جي سلسلي ۾ هلايل مهم جي اثرائتي نظرداري ٿي سگهي ۽ جمع ڪيل انگ اکر صوبائي ڪنٽرول روم کي پڻ منتقل ٿي سگهن هن ميرپورخاص ڊويزن جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي علائقن جو ٻيهر جائزو وٺن ۽ اهڙي ريت مائيڪرو پلان جوڙين ته جيئن ڪو به ابهم ٻار، هارين جا ٻار ۽ خانه بدوشن جا ٻآر پوليو جا قطره پيئڻ کان محروم نه رهي سگهن ميرپور خاص ڊويزن جي ڪجهه علائقن جي اي پي آئي ورڪرن جي ناقص ڪارڪردگي تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي انهن خلاف فقط شوڪاز نوٽس جاري ڪرڻ کان علاوه سخت ڪارروائي پڻ ڪن ان کان اڳ گڏجاِڻي ۾ شامل حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊسٽرڪت هيلٿ آفيسرن چيئر پرسن کي پنهنجي لاڳاپيل ضلعن جي ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني ۽ مسئلا ٻڌايا ان دوران ڊاڪٽر عذراه پيچوهو ڊي سي آفيس ۾ قائم ڪيل پوليو ڪنٽرول روم جو افتتاح ڪيو ۽ ان جو معائنو ڪيو جتي کيس ڊي سي حيدرآباد آغا شاهنواز بابر پنهنجي ضلعي جي ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button