عمرڪوٽ

عمرڪوٽ: درگاهن جي لاءِ حفاظتي انتظامات ڪيا پيا وڃن، ايس ايس پي

SSP Umerkot (640x352)عمرڪوٽ: ضلعي عمرڪوٽ جي سڀني درگاهن جي لاءِ ترجيحاتي بنيادن تي حفاظتي انتظامات ڪيا پيا وڃن، اهڙن خيالن جو اظهار ايس ايس پي عمرڪوٽ رياض احمد سومرو ضلعي جي پوليس آفيسرن ، درگاهن جي گاڌي نشين و خدمتگار نمائندن سان خطاب ڪندي ڪئي ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد علي شاهه جيلاني خصوصي طور تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس سان خطاب ڪندي ايس ايس پي رياض احمد سومرو چيو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾30 درگاهون آهن جنهن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن اقدامات ڪيا ويندا، ان اجلاس ۾ شريڪ درگاهن شريف جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته درگاهن تي ڪا به وڏو اجتماع ، ميلاد ،قوالي يا ڪا به وڏو پروگرام هجي ته هن سلسلي ۾ علائقي جي تهاڻي جي ايس ايچ او ۽ ايس ايس پي آفيس تي ضرور اطلاع ڪن تي جئين درگاهن تي سڪيورٽي انتظام بهتر ڪري سگهن ، هن چيو ته اوهان سڀئي پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به مشقوڪ ماڻهو يا ڏوهاري قسم جي ماڻهو کي ڏسو ته ان جي فوري اطلاع ٿاڻي تي ، ايس ايس پي آفيس يا ايمرجنسي سينٽر تي ڏني وڃي جنهن جوٽيلي فون نمبر 0238570002 ۾ ڏني وڃي ته جئين اهڙن دهشت گردن جو خاتمو آڻي سگهجي جئين ۾ اوهان جي سهڪار جي وڌيڪ ضرورت آهي ، هن چيو ته درگاهن تي ڪم ڪندڙ رضا ڪارن جي پاسپورٽ سائيز فوٽوگراف ، شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ ٻئي معلومات علائقي جي ٿاڻي ۽ ايس ايس پي آفيس عمرڪوٽ تي ڏني وڃي ته جئين انهن ماڻهن جا سڪيورٽي ڪارڊ پوليس طرفان ٺهرائي ڏنا وڃن ۽ اهي ئي رضاڪار درگاهن ۾ ايندڙ زائرين جي مڪمل تلاشي ضرور وٺن خاص طور تي زائرين جي سامان جي تلاشي ضرور وٺن ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد علي شاهه جيلاني اجلاس سان خطاب ڪندي چيو ته ڪو به مذهب انساني حياتين کان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني آهي ۽ انسانيت جا دشمن کي منفي انجام تائين پهنچائڻ ضروري ٿي ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي بد ترين دشمن آهن ۽ معصوم انساني حياتين کان کيڏڻ وارا انسان چوڻ جا مستحق نه آهن، ان اجلاس ۾ شريڪ درگاهن جي تمام نمائندن کي هدايت ڪئي ته انتها پسندي ۽ دهشتگردن تي نظر رکي فوري نشانداهي ڪن ۽ اوهان سڀني کي هڪ ٿي امن جي دشمن ۽ ملڪ جي دشمنن جي خلاف ملي ڪري ڪم ڪرڻو پوندو ، اجلاس ۾ چارن تعلقن جي ڊي ايس پي ، ايس ايچ او، پوليس کاتي جا سي آئي اي انچارج، ڊي آئي بي انچارج ۽ درگاهن جي گادي نشين و خدمتگار ۽ پوليس کاتي جي ٻين اعلي آفيسرن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button