اليڪشن 2013ڪشمور

ڪشمور پ پ اڳواڻن ۾ ٽڪيٽن جي حوالي سان اختلاف

انڊس نيوز، ڪشمور
ڪشمور ۾ اليڪشني موسم ۾ گرمي وڌي ويئي، پ پ پ طرفان ڪشمور ضلعي جي اميدوارن جو اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم مزاري جي حوالي ڪيو ويون، مزاري پاران اين اي 210 تي پنھنجي ڀاڻيجي احسان مزاري پي ايس 18 تي عبد الرئوف کوسو کي ٽڪٽون ڏيڻ تي مزاري گروپ اندر شديدي اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. معاملو ايتري حد تائين پھتو جو مزاري گروپ جي ماڻھن ڪشمور شھر اندر شٽربند ھڙتال ڪرائي مزاري ھائوس جي اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن تي پ پ پ قيادت نوٽيس وٺندي پارٽي جا اڳواڻ، سليم جان مزاري ڏي موڪليا ته پي ايس 18 جي ٽڪيٽ پارٽي جي ٻين دوستن کي ڏيو جنھن تي مزاري کتو جواب ڏنو ته ٽڪيٽون مان پنھنجي ماڻھن کانسواءِ ڪنھن ٻئي پارٽي دوستن کي نه ڏيندس، ٻئي طرف اھي اطلاع آھن ته پارٽي طرفان ٽڪيٽ گھرڻ تي سليم مزاري ڌمڪي ڏني ته جيڪڏھن مون کي ڪشمور ضلعي جي ھڪ ٽڪيٽ به واپس ورتي ويئي ته مان پنھنجا اميدوار آزاد حيثيت ۾ چونڊ ويڙھائيندس، ٻئي پاس پاسي پارٽي جا ورڪر قيادت کي اپيل ڪري رھيا آھن ته پي ايس 18 جي ٽڪيڱ پارٽي جي ڪنھن سينئر عھديدار کي ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button