شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: پوليس وردي پهريل هٿياربند ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
QAMBER-SHAHDADKOTشهدادڪوٽ ويجهو پوليس وردي پهريل هٿيار بند مارڪـٽ ڪري ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا سندس پيءَ وجهه وٺي گهر پهتو، بهرام ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيلرا وٽان 5 کان 6 پوليس جي وردي پهريل هٿيار بندهٿيارن جي زور تي ڪار روڪي موچي پاڙي جي رهواسي ڊاڪٽر وزير علي سومرو ۽ سندس پٽ فهيم سومري کي اغوا ڪري کڻي ويا جڏهن ته هٿيار بندن وٽان وجهه وٺي ڊاڪٽر وزير سومرو ڀڄي گهر پهتو آهي ،ان سلسلي ۾ مغوي جي پي اغوا کان بچي ويل ڊاڪٽر وزير سومري ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته هُو دوست جي دعوت تي ڳوٺ ڀرمي ويل هئا جتان موٽندي هٿياربندن کيس اغوا ڪري ورتو، ڊاڪٽر ٻڌايو سندس طبيعت خراب هئڻ سبب هُو پنڌ نه پئي ڪري سگهيو، جنهن تي هٿيار بندن کيس مارڪٽ ڪئي ،هن چيو ته هُو وجهه وٺي ڌاڙيلن کان جند ڇڏائي زخمي حالت ۾ گهر پهتو آهي، سندس چوڻ هو ته ڀرسان پوليس بيٺل هئي ان ڪابه مزاحمت نه ڪئي، هن چيو ته واقعي بعد پوليس هٿياربندن جي پيري پٺيان ويل آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button