مختصر خبرون

ھنڱورجا: بدامني خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن جو پيادل احتجاجي مارچ

هنڱورجا: هنڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن جي پيادل احتجاجي مارچ ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون
تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڀٽا برادري جي ماڻهن حليم الله ڀٽو، عزيز الله ڀٽو، مرتضٰي جلباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مڇر چوڪ کان پيادل احتجاجي مارچ ڪري قومي شاهراهه تي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي آهي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن ٻڌايو ته سڳيون لنڪ روڊ تي هٿياربندن حليم الله ۽ عزيز الله ڀٽو کان ٻه موٽر سائڪلون ، چاليهه هزار ۽ پنج موبائلون ڦر ٿيون پر پوليس اڃا تائين ڦريل سامان موٽائي نه سگهي آهي نه ئي وري ڏوهارين کي گرفتار ڪري سگهي آهي . هنن چيو ته ڏوهاري سرعام ڏوهه ڪري وڃن ٿا پر پوليس انهن کي نٿي روڪي هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڦريل سامان واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته ٻيهر قومي شاهراهه تي اڻڃاتل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button