اليڪشن 2013مورو

مورو: اليڪشن 2013 لاءِ اميدوارن جا فام رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ پھچڻ شروع

جاويد ڪانڌڙو، مورو
اليڪشن ۾ بيهڻ جي لاءِ فارم وٺڻ جو سلسلو جاري اڄ ڪيترن کي اميدوارن رٽرننگ آفيسر قمرالدين اي عباسي جي آفيس ۾ پهچي فارم وصول ڪيا، اين اي 211 تي 10 اميدوارن، پي ايس 19 تي 5 اميدوارن، پي ايس 22 تي 7اميدوارن ۽ پي ايس 23 تي 8 اميدوارن نامزدگيءَ فارم وصول ڪيا، اين اي 211 تي ذوالفقار علي بهڻ، وڪيل عبدالله خان ڪورائي، رئيس رياض احمد ڳوراهو، رئيس پرويز احمد ڳوراهو، سيد ڪوڙل شاھ، سيد عنايت شاھ شامل آهن جڏهن ته اين 211 قومي تي اين پي سربراھ رئيس غلام مرتضى خان جتوئي، پير آف راڻيپور سيد عاشق علي شاھ جيلاني پهريائين فارم وصول ڪري چڪا آهن، ياد رهي ته هن ڀيري پراڻن چهرن کان علاوه ڪيترائي نوان چهرا ميدان ۾ لٿل آهن جنهن جي ڪري اليڪشن ۾ دلچسپ مقابلا ٿيڻ جا امڪان آهن،

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button