شهدادڪوٽ

موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،فنڪشنل ليڊيز ونگ

ضمیر کرل، شهدادڪوٽ

موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،فنڪشنل ليڊيز ونگ
موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي،فنڪشنل ليڊيز ونگ
شهدادڪوٽ:شهدادڪوٽ ۾ فنڪشنل ليڊيز ونگ پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ يوسي 2 يونٽ جو بنياد وڌو ويو، ڊويزنل اڳواڻ منور حسين مستوئي جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي دؤوران فنڪشنل ليگ ليڊيز ونگ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي صدر ناهيد وجد کهاوڙ،نور چانڊيو،حُسنه چانڊيو، بينظير ٻٻر، افروز ٻٻر، رضيه مستوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو آهي ته فنڪشنل ليگ پير سائين پاڳاري جي قيادت ۾ سنڌ جي حقن جي جدو جهد جاري رکبي،سندن چوڻ هو ته فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان عورتون پڻ مردن سان گڏ سند خلاف هر اٿندڙ سازش جو منهن توڙ جواب ڏنو ويندو، هنن چيو ته هي فنڪشنل ليگ جو دؤر آهي ۽ موجوده حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، ليڊيز ونگ اڳواڻن چيو ته سنڌ، سنڌي عوام جي بقا،وقار لاءِ سنڌ جي ٻچي ٻچي سميت عورتن کي پڻ سجاڳ ٿيڻو پوندو،ان موقعي تا ثمينه دايو کي يوسي 2 جو صدر پڻ مقرر ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button