آرٽيڪل

فقط هڪ ڳڀــــي جي ڳـــــولا ۾غريب ويچارو

دلدار علي چنا،دادوسنڌ
In search of mealغربت جي شرح، جنهن جي ڏينهون ڏينهن واڌ ته ٿيندي وڃي ٿي، پر هن وقت تائين انهيءَ جو خاتمو ته ناهي اچي سگهيو. پر انهيءَ ۾ گهٽتائي به ناهي اچي سگهي، جنهن سبب روزانو ڪيترائي مجبور خاندان جيڪي بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿيندا رهن ٿا ۽ ڪيترائي انسان فاڪا ڪشيءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا رهن ٿا، افسوس غربت جي خاتمي جي وڏي دعويٰ ڪندڙ موجوده حڪومت جنهن جو اهو چوڻ هيو ته غربت جو خاتمو آڻي سک جو ساهه پٽينداسين، انهن جي دعويٰ به پوري نه ٿي سگهي جنهن سبب غربت جي شرح ۾ ويتر واڌ ٿي وئي..
حالانڪه ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو پر انهيءَ مدي دوران مهانگائي جو عروج به عروج تي رهيو، عوام جي عام واهپي وارين شين تي ڪنهن به قسم جي نگاهه نه رکي وئي، انهيءَ دوران عوام ڪيئن ڦريو، لٽيو پر انهن کان ڪو به پڇڻ وارو ڪو نه هيو، هن وقت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو آهي جتي اٽو اڻلڀ آهي، انهن علائقن ۾ اٽي جو وڪرو 40 کان 45 رپين تائين ٻڌايو وڃي ٿو، هاڻي جيڪڏهن انهيءَ اٽي جي بحران ڏانهن نظر ڦيرائجي ته ذهن ۾ پهريان هيءَ سوچ تري رهي آهي ته سنڌ ڪيترن ئي وسيلن جي مالڪ آهي، زراعت جي حوالي سان به سنڌ صوبي کي ترجيح مليل آهي، ڪڻڪ جي پيداوار به هن صوبي ۾ گهڻي وسيلي ٿيندي رهي ٿي پوءِ هتان جي ماڻهن کي اٽـــو ايترو مهانگو ڇو ملي رهيو آهي؟ ايترن وسيلن جا مالڪ به اهڙي بحران جو شڪار ڇو ٿي رهيا آهن؟ جڏهن ته زراعت جي حوالي سان هر نعمت هن صوبي کي مليل آهي پوءِ به هتان جو عوام فاڪا ڪشيءَ واري زندگي ڇو گذاري رهيو آهي؟ حالانڪه هي بحران ته انهن ملڪن ڏانهن هجڻ گهرجي جيڪي ملڪ اهڙين سهولتن کان محروم هجن، جتي زراعت جو نالو نشان ئي نه هجي، هتي اهڙو بحران جو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي! جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا ميڊيا رپورٽس ذريعي اها به معلومات ملندي رهندي آهي ته ڪيترن ئي سرڪاري گودامن تي ڪڻڪ خراب ٿي رهي آهي، ڪٿي ڪٿي برسات جو عذر ڄاڻائي انهيءَ ڪڻڪ کي ناڪاره بڻايو ويندو آهي.
آخرڪار اهڙي غفلت ڇو…؟ ڇو سنڌ سان اهڙيون ويساهه گهاتيون ڪيون پيون وڃن، ڇو هن مجبور عوام کي بکيو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي مزدور ماڻهو جيڪي ڪمائن ٻن سون کان ٽي سئو جنهن جي گهر جا ڀاتي هجن 8 کان 10جيڪي کائن 2 ڪلو اٽو کان 3 ڪلو اهو مزدور ماڻهو پنهنجي هن ٿورڙي ڪمائي مان ڪيئن انهن جو پيٽ پاليندو؟ جنهن جي ڪمائي صرف اٽو خريد ڪرڻ جيتري هجي، اهو ڪيئن ٿو گهر جا ٻيا مسئلا حل ڪري ۽ ٻيون عام واهپي واريون شيون خريد ڪري سگهي؟….. ڇا ڪندو لاچار انسان، اولاد کي ڪيئن تعليم حاصل ڪرائي، ظاهر آهي اهو ماڻهو قرض کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو ۽ قرض نه لاهڻ جي صورت ۾ خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو ۽ اهڙا ڪيترائي واقعا هر ڪنهن جي اڳيان گذريا آهن..
مهانگائي جنهن غريب بي وس ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو ذهني مريض بڻجي چڪا آهن، ڪجهه عرصو اڳ ميڊيا ذريعي هر ماڻهو ڏٺو ته هن غربت جي گهيراءَ ۾ ماڻهو اچي پنهنجن معصوم ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ وڏي واڪي پنهنجن ٻچڙن کي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا، انهيءَ جو ڪارڻ به غربت آهي، جنهن انهن ماڻهن کي پنهنجا جگر جا ٽڪرا وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ ڪيترائي ڳڀرو نوجوان جيڪي بيروزگاري کان تنگ اچي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا ۽ انهن پنهنجي جواني غربت تي قربان ڪري ڇڏي ۽ ڪيترائي نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي نوڪرين جي ڳولها ۾ آهن، نوڪرين نه ملڻ جي صورت ۾ ڪيترائي نوجوان نشي جا عادي بڻجي ويا آهن، هن وقت هر مجبور ماڻهو کي ڳڀي جي ڳولها آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي..
جيڪڏهن اهڙي صورتحال وڌيڪ جاري رهي ته پوءِ هي غريب سنڌ واسي بي موت مري ويندا، جيڪي پنهنجي بک ته برداشت ڪري ٿا سگهن پر پنهنجن معصوم ٻچڙن جي بک برداشت ڪرڻ اهو هڪ وڏو الميو آهي، هن وقت غربت انهن مسڪين ماڻهن جو گهيراءُ ڪري وئي آهي، اکين ۾ تڏهن به لڙڪ تري ايندا آهن، جڏهن انهن معصوم ٻارڙن يا مستحق عورتن سان گڏ اهي نوجوان به پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هن وقت اهڙي پنڻ جو پڻ ريشو وڌي ويو آهي، افسوس جڏهن اهي نوجوان هٿ کڻي ڪجهه گهرندا آهن يا معصوم ٻارڙا ماني ڳڀي لاءِ منتظر هوندا آهن! حالانڪه اهو سڀ ڪجهه مهانگائي ۽ بيرزوگاري جي ڪري ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ملڪ مان مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي آندي وڃي ۽ ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن ته هي نوجوان انهن بري عادتن کان بچي سگهن ٿا، جيڪي هنن جي مستقبل لاءِ نقصان ڪار آهن..
هر ايندڙ حڪومت اهڙا اعلان واعدا ته ڪندي رهندي آهي پر انهيءَ تي عمل ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر ٿي ويندو آهي، مهانگائي جيڪا روزانو وڌي ته وڃي ٿي پر ان ۾ لاٿ ڪرڻ جو ڪو به امڪان ناهي رهندو، جيڪا مهانگائي غريب عوام جي لاءِ ناسور ٿي اڀري ويندي ۽ غريب عوام انهيءَ چڪيءَ ۾ پيسيو ويندو آهي، هن وقت هر غريب ماڻهوءَ کي ڳڀي جي ڳولها آهي، انهيءَ ڳڀي جي جنهن مان هو پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهي، اهو غريب جيڪو ٻين بنيادي سهولتن کان ته محروم بڻجي ويو آهي، پر هاڻي هن کان اهو ڳڀو به کسيو ٿو وڃي، جيڪو هن جو جياپو آهي.
تتي هجي ٿڌي هجي پنهنجي آهي رولا
مون کي آهي صرف هڪ ڳڀي جي ڳوله

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button