مختصر خبرون

شيعا ايڪشن ڪميٽي ضلع سکر پاران مسيحي برادري تي حملي جي مذمت

بيورورپورٽ ،سکر
شيعا ايڪشن ڪميٽي ضلع سکر پاران چيئرمين سيد فدا حسين موسوي ، جنرل سيڪريٽري مولانا علي بخش سجادي چيو آهي ته هڪ شخص جي گستاخي ڪرڻ ۽ بلاجواز سڄي آبادي ۽ مسيحي عقيدي کي پيروڪارن کي سزا ڏيڻ ۽ جذباتي ٿي ڪري اسلام جي نالي تي ڪاروائي ڪري بي گناهه ماڻهن جي گهرن کي ساڙڻ اسلام جي تعليم جي خلاف آهي، اسلام جي بنيادي تعليم ان قسم جي اجازت نٿي ڏي، هي عمل اسلام کي بدنام ڪرڻ جي برابر آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا، پنجاب حڪومت ان عمل ۾ برابر جي شريڪ آهي، جنهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ تمام نام نهاد ملوث هٿن کي بي نقاب ڪري سزا ڏني وڃي، ۽ گستاخي ڪرڻ وارن ڏوهارين کي عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button