سکر

سکر:ضلعي ۾ ارڙيءَ کان پوءِ مليريا زور پڪڙي وئي

عمر سومرو ،سکر
Malaria Diseaseسکرضلعي ۾ ارڙيءَ جي وبا کان پوءِ مليريا جي وبا ۾ ساڳي صالح پٽ علائقي جي7 سالن جي نينگري سکر سول اسپتال ۾ فوت ،ضلعي اختيارين خبرن باوجود ڪن لاٽار ڪئي ،علائقي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا مليريا ۾ ورتل خبر موجب پ پ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي چونڊ تڪ اين اي 199سکر جي تعلقي صالح پٽ اندر ارڙي جي موتمار وبا کان پوءِ هينئر مليريا جي وبا به ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندي پئي وڃي ،مليريا جي مرض جو شڪار بڻجي ٽن ڏينهن کان سکر سول اسپتال ۾ داخل ٿيل صالح پٽ جي ڳوٺ بچل ڀنڀرو سان تعلق رکندڙ 7 سالن جي نينگري رابعه ڌيءَ قادر بخش ڀنڀرو فوت ٿي وئي جنهن جو مڙهه وارث ڳوٺ کڻائي ويا ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سنڌي اخبارن ۾ مليريا وبا جون خبرون ڇپجڻ۽ مرض وڌڻ جي خدشن باوجود صحت کاتي ۽ سکر جي ضلعي انتظاميا سميت سنڌ حڪومت ڪوبه نوٽيس وٺڻ بدران پنهنجي روايتي بي حسي اختيار ڪندي خاموشي تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي علائقي واسين موجب هن وقت به صالح پٽ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ 100 کان وڌيڪ ٻار ۽ وڏڙا به مليريا جي مرض جو شڪار بڻيل آهن جيڪڏهن سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين نوٽيس نه ورتو ته ارڙي جي مرض وانگر مليريا جي وبا ۾ به ڪيتريون ئي انساني جانيون متاثر ٿي سگهن ٿيو ان حوالي سان صالح پٽ جا ڊاڪٽر به ان مرض جي وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن پر چونڊيل نمائندن کي عوام جي ڪابه پراوهه نظر نه پئي اچي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button