سکر

سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر پاران ٽارگيٽ ڪلنگ خلاف ريلي

بيورو رپورٽ ،سکر

سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ احتجاج ڪندي
سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ احتجاج ڪندي
ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائي شهيد ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي سکر پاران ڊولفن چوڪ کان سکر پريس ڪلب تائين نذير سومرو، وحيد کوسو، نارائڻ داس، سليم ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ شامل ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا هئا جن مٿان مقتول ڪارڪنن جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جا مطالبا لکيل هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي َآهي جڏهن ته ڪراچي شهر دهشتگردن جو حوالي ڪيو ويو آهي سنڌ حڪومت انهن آڏو بي وس بڻيل آهي ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن خلاف ٿيندڙ ڏاڍايون بند نه ٿيون ته ڀرپور احتجاج تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button