دادو ۾ چونڊ سرگرميون تيز
دادو ۾ چونڊ سرگرميون تيز، پ پ مخالف چونڊون کٽڻ لاءِ وڌيڪ سرگرم
دلدار علي چنا،دادو
جوهي جي تڪ تي پ پ پ پاران سيد غــــلام شاهه جيلاني، مسلم ليگ(ن) پاران ڊاڪٽر بنده علي لغاري، مسلم ليگ (ف) پاران رئيس بلا خان شاهاڻي، ايس.يو.پي پاران غلام قادر لغاري، پ پ شهيد ڀٽو پاران يوسف سولنگي، ايس.ٽي.پي پاران يونس سولنگي، آزاد اميـــــدوار طور انور پنهور پاران چونڊ وڙهـــڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. چونڊ ويجھي ايندي ئي مختلف برادرين پنهور اتحاد، ڪوريجا اتحاد، قريشي اتحاد، ٻٻر اتحاد، چــــنا اتحاد، گوپانگ اتحاد ۽ ٻين برادرين پاران پ پ پ کان ناراضگي جو اظهار ڪندي، پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته برادرين گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. سڀني برادرين جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجو اميدوار بيهارينداسين، ۽ ووٽ به ان کي ئي ڏينداسين.ٻئي پاسي اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ جو شوق رکندڙ اميدوارن، اڳواڻن تعزيتن ،گڏجاڻين، جلسن، جلوسن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.مختلف پارٽين پاران دادو،جوهي ۾ چونڊ سرگرميون شروع ٿيندي ئي بينرن،تصويرن،جھنڊن،چاڪنگ سان سينگاريو ويو آهي. ۽ عوام جون دليون کٽڻ لاءِ عوام سان همدرديون وڌائي ڇڏيون آهن. ۽ هميشه وانگر عوام سان وڏا وڏا وعده ڪيا پيا وڃن.هاڻي ڏسڻو اهو آهي، ته ڪهڙي پارٽي جو اڳواڻ چونڊ ۾ سوڀارو ٿيندو! ڪير ٿو عوام سان ڪيل وعده وچن پورا ڪري ! ۽ ڇا پ پ پ جا اميدوار پنهنجي ڪارڪردگي تحت ڪامياب ٿيندا.
پــــاڻـــي ۽ مـــڇيءَ جــــــو پاڻ ۾ ڪــــيڏو نه آهي پيــــار،
جـــڏهن پـــوي ڄــــار پـــاڻي پـــاڻ ڪــــڍايو وڃــــي. (شاه)