دادو

دادو ۾ جمھوريت جي 5 سالن جي خوشي ۾ ريلي

PPP rally Dadu (640x172)دادو: سپاف، پ پ يوٿ، پ پ هاري ڪاميٽي دادو پاران سوين ڪارڪنن جمهوري حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گل حسن قمبراڻي، ايم عمر پنهور عدنان جويو، امير سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسل پارڪ کان ايس پي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ هڪ ڪارڪن آصف جمالي زخمي ٿي پيو.جنهن کي سول اسپتال دادو داخل ڪرايو ويو.ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڪارڪنن چيو ته پ پ پ جي حڪومت پنج سال پورا ڪيا آهن.جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. پاڪستان ۾ اڄ تائين ڪنهن به 5 سال پورا ناهن ڪيا.ڪارڪنن چيو ته صدر پاڪستان جي مفاهمتي پاليسي سبب 5 سال مڪمل ٿيا آهن. ايندڙ چونڊن ۾ به پ پ پ سوڀاري ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button