دادو

دادو: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو

Yome nijat rally (632x264)دادو: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو، هزارين ڪارڪنن مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ لياقت جتوئي،حامد ڀنڊ، انور لغاري، ڊاڪٽر بنده علي لغاري، سيد ظفر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾مردن توڙي عورتن ريلي ڪڍي، رقص ڪيو ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي.جنهن کان پوءِ جلسو ڪيو ويو.جلسي کي مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ لياقت جتوئي يومِ نجات جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ظالمن جا پنج سال پورا ٿيا آهن.جنهن جي خوشيءَ ۾ اسان ريليون ڪڍيون آهن،پنجن سالن ۾ زرداري ليگ عوام جو پيسو لٽيو آهي.عوام جو مال لٽيندڙ عوام ڏي ڪهڙو منهن کڻي ويندا. عوام اسان سان گڏ آهي، ملڪ ۾ بک بد حاليءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.عوام کي لٽيندڙن جو ڪامياب ٿي احتساب ڪنداسين،اسان خلاف سازشون ڪيون ويون ته اسان جا 50 هزار ڪارڪن مقابلو ڪندا. جلسي کي اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي،خادم حسين سولنگي،ڊاڪٽر بنده علي لغاري،سيد ظفر شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button