مختصر خبرون

جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهراڏواتي ڪم

عباس علي گاڏهي، جوهي
جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهر قبرن کي مسمار ڪري اڏواتي ڪم شروع ڪري ڏنو، اهڙي خبر پوڻ تي جوهي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن سيد نور محمد شاهه، غلام نبي باهوٽو، يونس سولنگي، محبوب ٻٻر، عبدالله کوسو ۽ ٻيا شهري جوهي ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سان ملي ڪم بند ڪرايو ۽ مطالبو ڪيو ته جوهي ۾ قبضا مافيا شهر جي سرڪاري پلاٽن ۽ قبرستان جي بي حرمتي ڪري اڏاوتون ڪري رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته قبضا مافيا کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن جوهي جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ شهرين مان بيچيني ختم ٿي سگهي، قبضا مافيا خلاف قدم نه کنيو ويو ته جوهي واسي اعليٰ عدالت جو دڙ کڙڪائيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button