جمهوري حڪومت پاران 5 سال پورا ڪرڻ ڪاميابي آھي، پير پير مظهر الحق

جمهوري حڪومت پاران 5 سال پورا ڪرڻ ڪاميابي آھي، پير پير مظهر الحق
جمهوري حڪومت پاران 5 سال پورا ڪرڻ ڪاميابي آھي، پير پير مظهر الحق
حيدرآباد: سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ملڪ جي تاريخ ۾ ڪنهن به جمهوري حڪومت پاران 5 سال جو آئيني مدو پورو ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڪاميابي سان گڏوگڏ بلاول ڀٽو زرداري جي پڻ فتح آهي جن چيو هو ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي . هن چيو ته اهو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ئي مشن هو جنهن تي هلندي صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل ۽ استحڪام لاءِ مفاهمتي پاليسي تحت سمورين جمهوري قوتن کي گڏ ڪيو ۽ جمهوريت کي پٽڙي تان لهڻ جي خواهش رکندڙ جمهوريت دشمن عنصرن جي سمورن ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو . اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل رات گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ( ايم ) حيدرآباد ۾ ڪينيڊين انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايجنسي ( سيڊا ) پاران سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽيِ ( اسٽيڊا) جي سهڪار سان ايسوسئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن ( اَي ڊي اِي ) جي پهرين بيچ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جن جي حاضري 80 سيڪڙو تائين هئي کي 20 هزار رپيا في شاگرد جي حساب سان چيڪ ورهائڻ جي حوالي سان ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو . سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق خطاب ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ تعليم جي ترقي کي سڀ کان اهم سجهيو ۽ ان لاءِ هن هميشه تعليم جي ترقي تي زور ڏنو . هن چيو ته موجوده پ پ پ حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هلندي تعليمي نظام ۾ ڪيترائي اصلاحي سڌارا متعارف ڪرايا جن ۾ ٽيچرز ٽريننگ خاص طور تي عورت ٽيچرز جي ٽريننگ هڪ آهي . سينيئر صوبائي وزير تعليم چيو ته بهتر تعليمي نظام لاءِ ٽيچرز جي ٽريننگ انتهائي اهميت جي حامل آهي . هن چيو ته عورتن جي ٽيچرز ٽريننگ ان لاءِ اهم آهي جو عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ بهتر ٽيچرز ثابت ٿين ٿيون . هن چيو ته ٻين ادارن وانگر ماضي ۾ تعليم جي شعبي کي پڻ نظرانداز ڪيو ويو . هن چيوته ماضي ۾ ڊگريون ڪجهه رپين عيوض وڪرو ٿينديون هيون . صوبائي وزير چيو ته هن پنهنجي وزارت دوران ڪيترين ئي رڪاوٽن جو باوجود تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون . هن چيو ته موجود حڪومت ، ٽيچزر جي ٽريننگ جي اهميت کي سمجهندي مختلف ٽريننگ ڪورسن جو آغاز ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٽريننگ حاصل ڪندڙ ٽيچرز مستقبل ۾ بهترين ٽيچرز ثابت ٿينديون ۽ تعليم جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون . بعد ۾ سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق ، ايسوسئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن ( اَي ڊي اِي ) جي پهرين بيچ جي گورنمينٽ ايليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ( ايم ) حيدرآباد ، گورنيمنٽ ايليمنٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ( ايف ) حيدرآباد ۽ پائٽ نوابشاهه سان تعلق رکندڙ 59 شاگردن جن جي حاضري 80 سيڪڙو تائين هئي ۾ 20 هزار في شاگرد جي حساب چيڪ ورهايا

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close