اليڪشن 2013ڌھرڪي

اقليتي برادري جو اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن جي ميدان ۾

Daharaki Election (640x245)ڏهرڪي: ضلع گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏهرڪي جي نوجوان صحافي،سماجي اڳواڻ،انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ اقليتي برادري جي اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن ۾ صوبائي اليڪشن پي ايس 7 ڏهرڪي-ميرپورماٿيلو تڪ تي پنهنجونامزدگي فارم جمع ڪرائي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ رميش ڪمار بي-ايم صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل حڪومت مظلوم عوام جي سار لهڻ ۽ هنن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پيٽ کي ڀرڻ ۾ پوري هئي ۽ نوڪريون پڙهيل لکيل بيرزوگار نوجوانن ۽ غريب ماڻهن کي ميرٽ تي ڏيڻ بجاءِ پئسن عيوض وڪرو ڪيون ويون ۽ جيالن کي نوازيو ويو تنهنڪري اڄ به سنڌ جو اعليٰ تعليم يافته نوجوان بک،بدحالي ۽ بيروزگاري جي باهه ۾ سڙندي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي هن چيو ته اهڙن عوامي جائز مسئلن کي نظر ۾ رکندي هن پي ايس 7 ڏهرڪي-ميرپورماٿيلو تڪ تي آزاد اميدوار جي حيثت سان فارم ڀري چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي هن وڌيڪ چيو تي ڄاڻايل تڪ تي اقليتي برادري جا 25 هزار کان مٿي ووٽ رجسٽرڊ آهن ان کانسواءِ مختلف برادرين جي حمايت پڻ حاصل آهي تنهنڪري هو ايندڙ عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي عام ماڻهن جا جائز مسلا حل ڪري هنن جي اهنجن ۽ تڪليفن بابت اسيمبلي ۾ آواز اٿاري هنن کي انصاف فراهم ڪرائي ڏيڻ ۾ اهم ڪرادرا ادا ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button