مختصر خبرون

سنڌ ۾ گورنر تبديل نه ٿيندو، منظور حسين وساڻ

سکر (بيورو رپورٽ)جيلن جو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي عليحدگي جي باوجود گورنر تبديل نه ٿيندو، ايم ڪيو ايم الڳ ٿي چڪي آهي، واپس نه ايندي، هاڻي ڪائي چال ڪٿان هلائي آهي هلائيندا پر وقت تي لياري نه سڄي ڪراچي دهشتگردن سان ڀريل آهي، خيرپور جي علائقي ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته هاڻي ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل، مسلم ليگ ن ۽ قومپرست ملي ڪري اسان سان اليڪشن ۾ مقابلو ڪن پر انهن کي ڪاميابي نه ملندي، ايم ڪيو ايم پنهنجو آخري رائونڊ به کيڏي ڇڏيو آهي، انهن جي عليحدگي اسان جي ڪائي سازش نه آهي، اسان به ايترا ميچوئر نه ٿيا آهيون ته اهڙي طرح جون سازشون ڪري سگهون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button