حيدر آباد

صوفي بزرگن جي تعليمات مطابق عوامي خدمت جي اصولن تي گامزن آھيون.ملڪ اسد سڪندر

Jamshoro Ursڪوٽڙي: چئرمين ڊسٽرڪٽ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي ڄامشورو ۽ سابق ضلع ناظم ملڪ اسد سڪندر خان چيو آھي ته سنڌ ڌرتي غظيم صوفي ھستين جو مسڪن ۽ امن و محبت جي سرزمين آھي، جن جي تعليمات مان اڄ به دنيا فيضياب ٿي رھي آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن مشھور روحاني بزرگ حضرت شيخ الله ڏنو رحاڻپوٽو جي 174 ھين سالياني عرس مبارڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ھڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. جنھن جو اھتمام سندن مزار شريف نزد ٽيليگراف ورڪشاپ ڪوٽڙي ۾ جاري آھي. ملڪ اسد چيو ته روحاني بزرگن جي ڏنل درس کي مشعل راه بڻائي ھو پاڻ به خدمت خلق جي جذبي سان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آھي، جنھن سبب ماڻھن کيس مسلسل ڪاميابي سان ھمڪنار ڪيو آھي ۽ آئنده به عوام جي ساٿ سان ڪاميابيون ماڻيندا رھنداسين، ڇاڪاڻ ته عوام ۽ سندس درميان سدائين ھم آھنگي جو تعلق رھيو آھي. ان کان اڳ درگاھ جي سجاده نشين الحاج پير بخش سمون آجياڻي تقرير ڪندي معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته آئنده ھن عرس مبارڪ جي انتظامن ۾ وڏيڪ وسعت آندي ويندي. افتتاحي تقريب ۾ خاص مھمانن جي آمد تي سندن والھانه استقبال ڪيو ويو، جن مزار شريف تي حاضري ڏئي چادر چاڙھي ۽ فاتح خواني ڪئي. بعد ۾مختلف ثقافتي رقصن ۽ ٻين رنگا رنگ پروگرامن کان علاوه محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنھن ۾ ملڪ ۽ سنڌ جا نامور فنڪار حصو ورتو ۽ اھا رات دير تائين جاري رھي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button