حيدر آباد

حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، قائم علي شاھ

قائم علي شاھ
قائم علي شاھ
حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ پ جي موجوده حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، صدر آصف علي زرداري ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هليو آهي جن ملڪ جي غريب عوام جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي _ هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائي پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ۽ اڄ اسان ان تي فخر محسوس ڪري رهيا آهيون ته اسان هڪ مضبوط ۽ طاقتور قوم آهيون. _ هن اهڙو اظهار اڄ شام ٽنڊو محمد خان ۾ هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو .وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اتفاق راءِ سان قوم کي 1973 جو آئين ڏنو ۽ ٻيهر صدر آصف علي زرداري انهيءَ آئين کي پنهنجي اصل شڪل ۾ بحال ڪيو _ هن چيو ته پ پ پ هڪ تاريخ جوڙي آهي جنهن تحت پ پ پ غريب عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ خدمت ڪئي آهي _ هن چيو ته اسان جي مخالفن وٽ صرف کوکلا نعره ئي آهن پر وٽن ملڪ جي عوام لاءِ ڪو به مثبت پروگرام ناهي _ هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تحت عورتن کي مالي طور سگهارو بڻايو ويو آهي ان کان اڳ اسانجي معاشري ۾ مردن کي فوقيت حاصل هئي ڇاڪاڻ ته مرد مالي طور سگهارا هئا پر اسان عورتن کي فورسز ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ روزگار ڏنو ۽ مختلف پروگرامن تحت کين مالي طور سگهارو بڻايو آهي _ هن چيو ته اڄ اسان جا مخالف پنهنجو پاڻ کي سنڌي عوام جي خيرخواهه هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن پر حقيقت ۾ کين سنڌ سان ڪا به دلچسپي ناهي _ وڏي وزير انهن کان سوال ڪيو ته جڏهن اهي اقتدار ۾ هئا ته انهن نه پٺي ورائي سنڌ کي ڏٺو ۽ نه وري سنڌ جي عوام کي روزگار ڏنو ۽ گذريل 15 سالن کان اهي آساميون خالي رهيون _ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پ پ پ نه فقط هزارين غريب ماڻهن کي سڌو سنئون روزگار ڏنو آهي پر نوجوانن کي روزگار جي لائق بنائڻ لاءِ فني تربيت ڏني آهي جنهن جي بنياد تي اهي پنهنجو ذريعا معاش پيدا ڪري سگهن ٿا . هن چيو ته روزگار شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نعرو ۽ عوام سان ڪيل واعدو هو جيڪو اسان گذريل پنجن سالن ۾ پورو ڪيو آهي . هن چيو ته مخالف اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته پ پ پ عوام جي خدمت نه ڪئي آهي پر آئون انهن کان سوال ڪيان ٿو ته جيڪڏهن اسان عوام جي خدمت نه ڪئي آهي ته پوءِ پ پ پ خلاف اتحاد ڇو قائم ڪري رهيا آهن _هن چيو ته اهي اتحاد ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته پ پ پ عوام جي مقبول پارٽي آهي ۽ مخالفن کي پ پ پ کان خوف آهي _ هن چيو ته اسانکي عوام ووٽ ڏنو آهي ۽ اسان بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آهي _ هن چيو ته ڪجهه عنصر سازشون ڪري رهيا آهن ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر پ پ پ سندن ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيندي ۽ عام چونڊون غير جانبدار ۽ شفاف طريقي سان پنهنجي وقت تي ڪرايون وينديون،سندس مطابق جيڪا ملڪ جي خوشحالي ۽ سياسي استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهي . هن چيو ته اسان سڄي صوبي ۾ اسپتالون ، اسڪول ، ڪاليج ، يونيورسٽيون ، روڊ ۽ مواصلاتي ڍانچو ڏنو آهي ۽ صرف ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي منصوبن تي 1.5 بلين جو خرچ ٿي چڪو آهي _ هن اعلان ڪيو ته ٽنڊو محمد خان جي ڊرينيج منصوبي جو ڪم ڪجهه هفتن ۾ شروع ڪيو ويندو جڏهن ته تمام جلد ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي ضلعي جي آبپاشي ڪينال جي کوٽائي جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويندو. ان کان اڳ دفاع واري وفاقي وزير سيد نويد قمر زمان شاهه عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت کي سفارش ڪئي ته ٽنڊو محمد خان جي نوجوانن کي پ پ پ طرفان مڪمل ڪيل مختلف منصوبن ۾ روزگار ڏنو وڃي . هن پنهنجن خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته پ پ پ طرفان ڏنل آسامين تي نگران حڪومت ٻاهرين ماڻهن کي ڀرتي نه ڪندي پر مقامي ماڻهن کي روزگار جي حوالي سان ترجيحي ڏني ويندي _ هن مطالبو ڪيو ته ٽنڊو محمد خان جي ڊرينيج جي جاري منصوبي کي ترجيح بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ چيو ته اسان اڳ ۾ ئي ضلعي جي عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ مختلف ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪري ورتيون آهن _ هن چيو ته پ پ پ کي اڄ به عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ عوام جي حمايت سان ئي ايندڙ عام چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي _ عوامي ميڙ کي سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولابخش چانڊيو ، سينيٽر عاجز ڌامراهه ، سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا ، صوبائي وزيرن آغا سراج دراني ، موهن لعل ڪوهستاني ، ايم پي اي حاجي عبدالڪريم سومرو ، محمد نواز چانڊيو ، پ پ پ ٽنڊو محمد خان جي ضلعي صدر حاجي امين لاکو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو _ ان کان اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٽنڊو محمد خان ضلعي اسپتال جو افتتاح ڪيو جنهن کي تعلقي اسپتال جي درجي مان وڌائي ضلعي اسپتال بڻايو ويو آهي جيڪا گذريل ٽن سالن ۾ 403.370 ملين رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪئي وئي آهي _ ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته تعلقي اسپتال کي ضلعي اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي جنهن سبب اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو انگ 24 مان هڪ سئو ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو انگ هڪ سئو مان وڌائي 400 ڪيو ويو آهي .وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسپتال ۾ يورولاجي ، ڪارڊيالاجي ، ميڊيسن ، هيپاٽائٽس ، اکين ، نفسيات ۽ اِي اين ٽي وارڊ ،ريڊيولاجي ، پيٿالاجي ، 33 بيڊن واري سرجيڪل وارڊ ، آءِ سي يو / سي سي يو ۽ 4 آپريشن ٿيٽر جي سهولت سان قائم ڪيا ويا آهن _ کيس ٻڌايو ويو ته هن منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اسپتال اندر انتظاميه لاءِ الڳ بلاڪ ، عورتن ۽ ٻارڙن جا وارڊ پڻ قائم ڪيا ويندا. ان کان اڳ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه ٽنڊو محمد خان ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر عبدالڪريم سومرو جي گهر پهچي سندس ڀائيٽي جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪندي فاتحه خواني ڪئي ۽ مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ دعا ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button