ڪراچي

جيڪا اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي تصديق نٿي ڪرائي سگهي ان مان صاف ۽ شفاف چونڊن جي توقع ڪيئن ٿي ڪري سگهجي. ممتاز حسين سهتو

mumtaz sehto sb 2ڪراچي ، جماعت اسلامي سنڌ طرفان بوگس ووٽر لسٽن ۽ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائڻ خلاف سڀاڻي ڇنڇر، آچر ۽ سومر تي جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو ايڊوڪيٽ جمعي ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي پريس بريفنگ دوران چيو ته سپريم ڪورٽ جي واضح حڪم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر پاران سياسي پارٽين کي ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرائڻ جو يقين ڏيارڻ باوجود تصديقي عمل جيئن جو تيئن هلي رهيو آهي جيڪو وقت ۽ پئسي ٻنهي جوپڻ زيان آهي.احتجاج ۽ توجهه ڏيارڻ باوجود اليڪشن ڪميشن جي رويي مان لڳي ٿو ته هو نه صرف دٻاءُ هيٺ پر هڪ نسل پرسٽ ٽولي وٽ يرغمال پڻ آهي. جيڪا اليڪشن ڪميشن ووٽر لسٽن جي تصديق نٿي ڪرائي سگهي اهڙي اليڪشن ڪميشن کان صاف ۽ شفاف چونڊن جي توقع ڪيئن ٿي ڪري سگهجي. ان ڪري جماعت اسلامي اليڪشن ڪميشن کي اڻ ڌريو، مضبوط ۽ بااختيار بنائڻ لاءِ سڀاڻي کان سنڌ ۾ جيڪب آباد.، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي يارنهن وڏن شهرن اسلام آباد، پشاور، ڪوئٽه، فيصل آباد، ملتان ۽ ٻين شهرن ۾ ڌرڻا هڻندي. اسان هن ڀيري اسٽيبلمينٽ ۽ بيلٽ بجاءِ بلٽ ذريعي چونڊن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ وارن سازشن کي ناڪام بڻائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button