شهدادڪوٽ

ڪارنھن الزام ھيٺ مڙس ھٿان زال قتل

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
QAMBER-SHAHDADKOT شهدادڪوٽ جي ويجھو جوابدار مڙس پنهنجي گھرواري جو ڪارنهن الزام هيٺ ڳلو ڪپي کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. سنجر ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم لغاري ويجھو جوابدار عبدالحميد جوڻيجي ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي 28 ورهين جي زال ٻن ٻارڙن جي ماء مسمات مِهر خاتون جو تيز اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو واقعي جي حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو آهي جتان پوليس لاش کي کڻائي شهدادڪوٽ اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي ٻئي پاسي سنجر ڀٽي پوليس جا جوابدار جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا جاري آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button