لاڙڪاڻو

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو جي انصاف مگسي ميڊيڪل سپرينڊنٽ طور تي چارج سنڀالي ڇڏي

Larkana pic ms dr insaf magsi cmc aspatal larkana
محمد شفيق، لاڙڪاڻو
چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو جي ميڊيڪل سپرينڊنٽ انصاف مگسي ڪورٽ سڳوري جي حڪم تحت نيٺ چارج سنڀالي ڇڏي. تفصيل موجب چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر انصاف مگسي سان جڏھن لاڙڪاڻو ميڊيا فورم جي صحافين پاران ملاقات ڪئي ان دوران ايم ايس ڊاڪٽر انصاف مگسي صحافين سان ڳالھائيندي چيوتھ مون لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي مختلف شعبن جي وزٽ ڪئي تھ اسپتالن اندر ڪيترائي مسئلا مونآڏو پيشآيا انشاءَ اللھ انھن مسئلن کي جلد حل ڪري اسپتال اندر توڙي مريضن ۽ ملازمن جا مسئلا يقيني طور تي حل ڪندس.ھن چيوتھ اسپتال ۾ گھڻين شين جي کوٽآھي جنھن کي بھ جلد پورو ڪندس. مون اسپتال ۾ پارڪن توڙي ڦٽ پاٿن جو بھ صفائي سٿرائي جو ڪم پڻ مڪمل ڪرائڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آھي. جلد چانڊڪا اسپتال جي مختلف شعبن ۽ وارڊن ۾ صفائي سان گڏوگڏ ڊسيپلين برقرار رکندس جنھن ڪري مريضن کي ڪابھ تڪليف پيش نھ اچي سگھي. ھن وڌيڪ چيوتھ مون اسپتال جي ملازمن توڙي ڊاڪٽرن کي سخت ۾ سخت ھدايتون پڻ ڪيون آھن تھ ھو اسپتالن ڏانھن توڙي غريب مريضن خاص توجھھ ڏين تھ جيئن اسپتال جو ماحول بھتر نموني ھلي سگھي ۽آءُ پنھنجو فرض نڀائيندو رھندس. ڪيترائي مسئلا مون آڏو درپيش آھن انھن مسئلن کي پري رکي ڪري اسپتال جي بھتري ڏانھن پيو ڌيان ڏيندو رھندس. ھن چيوتھ چانڊڪا اسپتال اندر آپريشن ٿيٽر موجودآھن جن ۾آرٿوپيڊڪ ۽ نيوروسرجري شاملآھن ھن وڌيڪ چيوتھ آپريشن ٿيٽر کي اسپتال جي ٻين شعبن ۾ بھ قائم ڪرايو ويندو تھ جيئن ان شعبن جي مريضن کي اتي ئي ميسر ٿي سگھن ۽ اسپتالن اندر بيڊن جي کوٽ آھي جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن کان ايندڙ مريضن کي ڏکيائي سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. جنھن کي جلد دور ڪيو ويندو. ۽اسپتال ۾بيڊ اضافي رکرايا ويندا ان کان علاوھ اسپتال اندر سي ٽي اسڪين مشين جو ڪم پڻ اچڻ سان ئي شروع ڪرائي ڇڏيوآھي ۽ چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جي اسٽاف لاءِ دوائن جا ڪارڊ شھيد بينظير ڀٽو جي نالي سان چند ڏينھن ۾ جاري ڪيا ويندا تھ جيئن خبر پئجي سگھي تھ ڪير ڪير دوائون وٺي رھيوآھي.ھن چيوتھ جن بھ غريب مسڪين ماڻھن کي دوائن جي ضرورت پوي ٿي تن کي يقيني طور سڀ دوائون فراھم ڪنداسين. اھڙي ھدايت پوري اسٽاف کي جاري ڪري ڇڏيآھي.ھن چيوتھ ارڙي ۾ مبتلا ٻارڙن جي لاءِ ھڪ خاص وارڊ قائم ڪيو ويوآھي ۽ لاڙڪاڻي جي اندر جيڪي بھ شگر جا مرضآھن تن لاءِ مفت دوائون فراھم ڪيون وينديون ۽ مفت ٽيسٽيون پڻ ڪيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button