لاڙڪاڻو

عورتن جو جڳھ مٿان قبضي خلاف مظاھرو

بختيار بگٽي، لاڙڪاڻو
Larkana protest ghar per qabza ke khilafلاڙڪاڻي جي نظر محلي جي ٻن بيواهه عورتن جو پنهنجي ٿيل جڳهه مٿان بااثر ماڻهن ۽ ايس ايڇ او رحمت پور وحيد ابڙو خلاف گذريل ڏينهن larkano media فورم آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي جي نظر محلي جي ٻن بيواهه عورتن شاهده ۽ زاهده ابڙو صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته چار مهينا اڳ لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي بدمست ايس ايڇ او عبدالوحيد ابڙو پنهنجي قبضا گروپ ساٿين شاهد ابڙو، منظور ابڙو، منير ابڙو، نواز علي ابڙو، نبن ابڙو سان گڏجي پنهنجي ڏاڍ جي زور تي اسان بيواهه عورتن کي پنهنجي ئي گهر ۾ گهڙي اسان مٿان وحشاڻو تشدد ڪري کان بي گهر ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ دانهيندي چيو ته هن وقت اسان کي احتجاج ڪندي چئن مهينن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي اسان اهي سمورا ڏينهن مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر افسوس جو هن وقت تائين لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي ان ايس ايڇ او جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي ويئي آهي جيڪا اسان جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي جيڪا اسان بيواهن عورتن سان سراسر ناانصافي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو وساري ڪنهن ڳالهه جو نوٽيس ورتو، ڪجهه ڏينهن اڳ ٻئي بيواهه ڀينرون سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيونسي ان دوران سيشن ڪورٽ جي جج ايس ايڇ او رحمت پور ۽ ٻين بااثر ۽ قبضي مافيا گروپ مٿان سيشن ڪورٽ جي جج سمڪان حسين مغل ايف آءِ آر جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو پر جڏهن ايف آءِ آر جو ليٽر کڻي ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او وحيد ابڙو پنهنجي سيٽ جي ڏاڍ تي بدمستي ۾ اچي اسان کي گٿا لفظ ڳالهائي آفيس مان دڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ هن چيو ته مان وڏيرو آهيان ۽ مان ابن ڏاڏن کان وٺي زميندار آهيان توهان جي منهنجي آڏو ڪا به حيثيت نه آهي مان توهان جي عزت کي تارتار ڪري ڇڏيندس اگر منهنجي خلاف توهان ٻيهر ڪورٽ ۾ ويئون ۽ ڪيس تان هٿ نه کنيو ته مان توهان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي ڇڏيندس هوڏانهن بيواهه عورتن شاهده ۽ زاهده صحافين آڏو روئيندي روئيندي دانهيندي چيو ته آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ سپريم ڪورٽ جي جج افتخاراحمد چوڌريءَ کان مطالبو ٿي ڪريان ته خدارا اسان بيواهه عورتن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ان ايس ايڇ او وحيد ابڙو خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ اسين پنهنجي مٿان پيٽرول هاري باهه ڏيئي ڇڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button