سکر

موچي برادري جو مھر برادري جي بااثرماڻھن مٿان عورت جي اغوا جو الزام

Moachi Communityسکر(بيورورپورٽ) ڏهرڪي جي علائقي ۾ موچي برادري سان تعلق رکندڙ نادر موچي، وزيران، مختيار ۽ ٻين سکر پريس ڪلب جي آڏو مغوي مسمات شازيه، مسمات سڪينه ج بازيابي سميت ان جي ملوث جوابدارن جي عدم گرفتاري ۽ پوليس جي سرپرستي ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف علامتي بک هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقع تي هنن جو چوڻ هو ته مهر برادري جي با اثر ماڻهن گذريل رات پنهنجي ساٿين سان گڏجي اسان جي گهر تي حملو ڪيو هو ۽ برادري جي نوجوان ڇوڪري شازيه ولد جمال الدين ۽ مسمات سڪينه زال نادر علي کي اسلحي جي زور تي زوريءَ اغوا ڪري ويا واقع جي خلاف ڏهرڪي پوليس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر هن وقت تائين پوليس جوابدارن کي گرفتار ۽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي هنن اعليٰ اختيارين کي مطالبو ڪيو ته مسمات شازيه، مسمات سڪينه کي بازياب ڪرايو وڃي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button