مختصر خبرون

صالح پٽ جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي ايندڙ اليڪشن ۾ سخت مقابلي جا امڪان

صالح پٽ : صالح پٽ جي قومي ۽ صوبائي تڪن تي ايندڙ اليڪشن ۾ سخت مقابلي جا امڪان فنڪشنل مسلم ليگ ۾ تازو شڪارپور جي اهم سياسي اڳواڻ غوث بخش خان مهر ق-ليگ کي الوداع ڪري فنڪشنل ليگ ۾ پٽن سميت شموليت جو اعلان ڪندي صالح پٽ جي صوبائي ۽ قومي تڪن تي به اهميت اختيار ڪري ورتي ناقابل شڪست رهندڙ سياسي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي مسلم فنڪشنل ليگ ٽف ٽائيم ملڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن . واضع رهي ته گذريل پنجن سالن کان غوث بخش خان مهر توڙي سندن پٽ صالح پٽ کي سياسي طور جلسا جلوس ڪري اهميت حاصل ڪرڻ سميت هن تڪن ۾ فنڪشنل ليگ جو پيپلز پارٽي کانپوء وڏو ووٽ بينڪ آهي . ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران حڪومت ٺهڻ بعد گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن ۾ سياسي ليول تي وڏيون ڪلابازيون اينديون جڏهن ته ٻنهي تڪن تي ايم ڪيو ايم ، ن ليگ سميت ٻي ڪنهن به پارٽي جو ڪو وڏو ووٽ بينڪ ناهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button