جيڪب آباد

اسلام کان دوري ۽ حڪمرانن جي نااهلي سبب اڄ ملڪ مهانگائي ۽ بدامني جي ور چڙهيل آهي: راشد نسيم

jalsa jacd 30-1جيڪب آباد : ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ جماعت اسلامي طرفان ٿيل عطيم جلسه سيرت النبيؐ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير راشد نسيم چيو ته اڄ انسان مختلف مسئلن ۽ پريشانين جو شڪار آهي، هر طرف مهانگائي، بدامني، قتل ۽ بي چيني جو دور آهي ۽ انهن سڀني مسئلن جو حل سيرت نبويؐ تي صدق دل سان عمل ڪرڻ سان آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۽ قوم بدعنوان حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري پنهنجي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيا آهن. جماعت اسلامي امن ۽ آشتي جي عملبردار هڪ اهڙي تنظيم آهي جيڪا ملڪ ۽ قوم کي موجوده بحران مان ڪڍي ڪري ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهي ٿي. جلسي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل نصرالله عزيز چيو ته نبي ڪريمؐ جي سعادت جي ڪري مسلمانن انهن تي تعليمات تي عمل ڪري سڄي دنيا ۾ عروج ماڻيو پر جڏهن احڪام الاهي ۽ نبي ڪريمؐ جي تعليمات تي عمل ڇڏيو ته ذلت ۽ رسوائي اسان جو مقدر بڻي. اڄ ملڪ کي بحران مان رڳو جماعت اسلامي ئي ڪڍي سگهي ٿي ان لاءِ عوام جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي. ان موقعي تي محمد صالح سومرو، ديدار لاشاري، عبدالصمد ڪٽبار، صادق ملغاڻي، رجب سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button