مختصر خبرون

سنڌ ۾ مخالفن طرفان مڪاني نظام واري قانون کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، غلام علي خان نظاماڻي

بدين: پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر غلام علي خان نظاماڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ مخالفن طرفان مڪاني نظام واري قانون کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي جڏهن ته پ پ پ اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي جنهن سان سنڌ کي نقصان پهچي هن چيو ته اڄ به سنڌ توڙي ملڪ جو عوام پ پ پ سان گڏ آهي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ پ ماضي جي ڀيٽ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي هن اهڙو اظهار ضلع بدين جي مختلف ڳوٺن ۾ وزيراعظم پاڪستان طرفان ضلع بدين لاءِ ڏنل خصوصي پيڪج تحت متعارف ڪيل بجلي جي اسڪيمن جو افتتاح ڪرڻ دوران ڪيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ايڪتا جو ڏهاڙو اڄ آهي ۽ اسان سڀني کي فخر آهي ته سنڌي قوم پنهنجي خوشي جو اظهار ڪري هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏئي رهي آهي هن چيو ته پ پ پ حڪومت ۽ پ پ پ جي قيادت سنڌ جي ڪنهن به مفاد خلاف ڪو به اهڙو فيصلو نه ڪندي جنهن سان سنڌ کي نقصان پهچي هن چيو ته سنڌ ۾ اجائي واويلا ڪري طوفان برپا ڪيو پيو وڃي ۽ پروپيگينڊا ڪئي پئي وڃي ته سنڌ کي وڪرو ڪيو ويو آهي اسين انهن دوستن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي مفادن ۽ سنڌ جي خوشحالي ۽ عوامي ڀلي لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان محترمه شهيد بينظير ڀٽو تائين ڏنل رت جي قرباني ڪير به نه ٿو ڏئي سگهي هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مدبر قيادت ۾ پ پ جي حڪومت 5 سال پورا ڪندي ۽ ايندڙ حڪومت به پ پ پ جي هوندي هن چيو ته بدين ضلع کي ترقي ڏيارڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان کان خصوصي پيڪج ورتو ويو آهي جنهن سان 130 ڳوٺن کي بجلي ۽ گئس جون اسڪيمون مهيا ڪيون ويون آهن جنهن تي تقريبن هڪ ارب روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن پ پ پ جي حڪومت نه صرف ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر ان سان گڏ و گڏ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بيواهه عورتن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي پئي وڃي هن چيو ته سنڌ ۾ گذريل سالن ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا جن ۾ ٻوڏ ۽ برساتن ذريعي اربين روپين جو نقصان ٿيو جنهن لاءِِ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏجي ٻوڏ متاثر ن جي مدد ڪئي ۽ بحلي وارو ڪم تي وڏي رقم خرچ ڪئي هن چيو ته 25 ڊسمبر تي هو صدر آصف علي زرداري جي هالا جي دوري دوران بدين جي بيروزگار نوجوانن لاءِ روزگار جي گهر ڪندو هن چيو ته پ پ پ ۾ شموليت لاءِ ڪيتريون ئي ڌريون رابطي ۾ آهن ان حوالي سان فيصلو اعليٰ قيادت ڪندي هن پنج ڳوٺن پير بخش خاصخيلي ، ڪرم خان جروار ، محمد علي ڪاڪيپوٽو ، سعيد خان جروار، غلام حسين ٿيٻو ۾ هڪ ڪروڙ روپين جي رقم سان بجلي جي اسيڪيمن جو افتتاح ڪيو ساڻس گڏ اڳوڻو ايم پي اي پير امجد علي صديقي ، ظفر نظاماڻي ، پ پ پ تعلقو ٽندو باگو جو صدر مراد زئنور ، پ پ پ تعلقه تلهار جو صدر نياز لاشاري ، پ پ پ تعلقه ماتلي جو صدر بچل آريسر شيرل خان نظاماڻِي ۽ ٻيا پڻ هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button