مختصر خبرون

پابندي مڙھيل قيدي ڪراچي منتقل

سکر(بيورورپورٽ)سکر جيل مان پابندي مڙيل تنظيم جا 20 کان وڌيڪ قيدي ڪراچي جيل منتقل قيدين جي منتقلي سيڪورٽي جي پيش نظر ڪئي وئي آهي انتظاميا، خبر موجب سکر جي سينٽرل جيل ون مان آچر جي ڏينهن اتي قيد پابندي مڙيل تنظيم جا 20 کان وڌيڪ قيدين جنهن ۾ محمد جاويد، حبيب الله، مولوي سعيد انور، مفتي ذاڪر حسين، حافظ رياض، سيد عاطف حسين، محمد عبدالله، نسيم، عاطف مسعود، عامر شهزاد، محمد نعمان، رائو محمد، ميجر هارون عاشق ۽ ٻيا شامل آهن کي سخت حفاظتي انتظامن ۾ ڪراچي جي جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي انهن جي منتقليءَ جي دوران سکر جيل ۾ قيدن سان ماڻهن جي ملاقات وغيره بند ڪئي وئي هئي ۽ جيل جي چارو طرفن کان پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي انهن قيدين کي ڪجهه عرصو اڳ سکر جي سينٽرل جيل ۾ آندو ويو هو جتان هنن کي آچر جي ڏينهن واپس ڪراچيءَ اندو ويو آهي انهن جي منتقليءَ جي حوالي سان انتظاميا جو موقف آهي ته انهن جي منتقلي سيڪورٽي ريزن جي وجه سان ڪئي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button