مختصر خبرون

سرڪاري ملازمن کي غلام بنايو ويو آهي، ظفر علي شاهه

اياز عباسي، ڪنڊيارو
ملڪي صورتحال انتهائي خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وئي آهي،ڪنهن جي عزت ۽ جان و مال محفوظ نه آهن،سرڪاري ملازمن کي غلام بنايو ويو آهي جنهن کي ذاتي ملازمن جيتري حيثيت حيثيت به نه آهي حڪومت جون ناجائز فرمائشون پوريون ڪندڙن کي ته محراب پور تعلقي جي مختيارڪار وانگر يارهين گريڊ جي ڪلارڪ کي مقرر ڪيو وڃي ٿو باقي فرض شناس ۽ ايماندار ملازمن کي يا ته اهڙي هنڌ اماڻيو وڃي ٿو جتي کين پاڻي به نه ملي يا وري کين گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ٿو،اهڙن خيالن جو اظهار پي پي جي منحرف ايم اين ظفر علي شاهه پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ صحافين سان يڪجهتي جي اظهار دوران سندن حمايت ڪندي ڪيو،هن چيو ته پي ايس 21 جي چونڊن ۾ پنهنجي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ حڪومتي ڌر ويهن ئي ننهن جو زور لڳرائيمسرڪاري مشينري جو پڻ بي دريغ استعمال ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ميڊيا ۽ عدليه کان سواءِ ڪٿي به انصاف نه ٿو ملي،تنهنڪري مان پريس ڪلب ڪنڊيارو جي سمورن دوستن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جن ڪنهن به ڏاڍ،ڏمر اڳيان جهڪڻ يا لالچ تي وڪامڻ بجاءِ حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو،مان سندن لاءِ دعاڳو آهيان ۽ سندن هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي حافظ رفيق چنڙ،ظهير چنڙ،فضل الله ڌهراج،اسد الله ڏهراج،لطف الله ڏهراج،آدم چنڙ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button