مختصر خبرون

جيئي سنڌ متحدھ محاذ طرفان سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦر لٽ خلاف احتجاجي مظاھرو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)جيئي سنڌ متحدھ محاذ لاڙڪاڻي سٽي جي طرفان سنڌ جي قدرتي وسيلن جي ڦر لٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو جنھن جي اڳواڻي سٽي لاڙڪاڻي جا اڳواڻ راجھ امجد کوکر ، سرائي ڪلھوڙو ، سجاد مرکنڊ ڪري رھيا ھئا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيوتھ سنڌي اندر قدرتي وسيلا تيل ، گئس ، ڪوئلو ۽ ٻيا ڪيترائي ذخيرھ ڌارين جي حوالي آھن ۽ سنڌ جا ماڻھو قدرتي وسيلن سان مالامال ھوندي بھ بدحالي ۽ مفلسي واري زندگي گذرڻ تي مجبور آھن اسان ھن بنياد پرست رياست کي آگاھھ ٿا ڪريون تھ سنڌ جا سڀئي وسيلا سنڌ حوالي ڪيا وڃن ھنن وڌيڪ چيوتھ اسان شھيد مظفر ڀٽو ، سرائي قربان کھاوڙ روپلو چولياڻي جي نقش قدم تي ھلندي پنھنجا سر ڏئي پنھنجي سنڌي قوم جو ويساھھ بحال ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button