مختصر خبرون

آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاڪستان نوسهرو فيروز يونٽ جي چونڊ ٿي گذري

اياز عباسي، ڪنڊيارو
آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن پاڪستان ( آپڪا ) ضلعي نوسهرو فيروز يونٽ جون چونڊون ضلعي اليڪشن ڪميشن چيئرمين زاهد اڄڻ جي نگراني ۾ ٿي گذريون،جنهن ۾ بنان مقابلي هيٺيان عهديدار چونڊجي ويا،صدر سيف الله اعواڻ،سينيئر نائب صدر ون محمد سهيل،سينيئر نائب صدر ٽو فقير ذوالفقار،جونيئر نائب صدر ون نصير احمد گرماڻي،نائب صدر ٽو سڪندر علي مڱريو،جنرل سيڪريٽري فيض محمد عالماڻي،ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امير بخش عباسي،پريس سيڪريٽري عبداللطيف سولنگي،خزانچي امير حسين ميمڻ ۽ آفيس سيڪريٽري زاهد حسين مري شامل آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button