مختصر خبرون

شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظام

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)صدر پاڪستان آصف علي زرداري شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھچي شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھيون ۽ فاتح خواني ڪئي ۽ ان کان بعد بينظير ڀٽو اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو جڏھن تھ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پھتو ٻئي طرف پوري ملڪ مان پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا ڪافلا ڳڙھي خدابخش ڀٽو پھچي رھيا آھن ۽ لاڙڪاڻي شھر ۾ استقباليا ڪئمپون لڳايون ويون آھن شھر ۾ پارٽي جھنڊا بينر لڳايا ويا آھن. ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي سڪيورٽي جا سخت انتظامات ڪيا ويا آھن جڏھن تھ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ ڪئي پئي وڃي ۽ نئون ديرو روڊ ۽ ڳڙھي خدابخش ڀٽو ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن پوليس ۽ رينجرس جو گشت جاري آھي شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي صدر پاڪستان آصف علي زرداري ، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ جلسھ عام کي خطاب ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button