آرٽيڪل

سنڌي عوام کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي ضرورت ناھي

غلام حسين سومرو
ZARDARI ALTAF 1پھرين آڪٽوبر کان اڄ تائين سڄي سنڌ سڪتي ۾ آھي ۽ سنڌ ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ٻٽي نظام خلاف احتجاج جاري آھي پر حڪومتي ڌر ان طرف ڪو ڌيان ئي نه پئي ڏئي. ٻئي طرف پپلز پارٽي جا وزير مختلف چينلن تي اچي احتجاج ڪندڙ سنڌي عوام کي شرپسند سڏي سنڌي عوام جي توھين پيا ڪن ۽ رات جي اونداھي ۾ آندل ٻٽي نظام کي وڏي منھن جي پڪائي سان صاف سٿرو ڪري پيش ڪري رھيا آھن ان لاءِ اھو دليل ڏئي رھيا آھن بلدياتي نظام ڪنھن آمر نه جھموري حڪومت آندو آھي ۽ ھن نظام کي سمجھڻ لاءِ سنڌي عوام کي پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي يا ٽيوشن وٺڻي پوندي تڏھن ھي جھموري حڪومت جوآندل نظام سنڌي عوام کي سمجھ ۾ ايندو ۽ پوءِ ئي ان نظام تي ڳالھائي سگھبو ۽ ان تي تنقيد ڪري سگھبي.ھي اھي حڪمران آھن جيڪي دعوٰي ڪن ٿا ته اسان عوام جا چونڊيل نمائندا آھيون ۽ اسان کي عوام مينڊئٽ ڏنو آھي، جنھن عوام ھنن کي ووٽ ڏنا اسيمبلي ۾ موڪليو ان عوام لاءِ اھڙو نظام آندو اٿن جو ان نظام کي سمجھڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي،ھي آھي جھموريت ۽ عوامي حڪومت جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ نظام آڻي ٿي ۽ اھو عوام جي سمجھ کان ٻاھر ھجي ان کي چئبو آھي جھموريت.
ھتي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جي واقعي بلدياتي نظام جيڪو ھنن پپلزآرڊيننس 2012 جي نالي سان آندو آھي اھوجي عوام جي فائدي وارو آھي ته ان کي رات جي اونداھي ۾ ڇو آندو ويو؟ ۽ ان آرڊيننس تي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ کان اڳ ان تي بحث ڇو نه ڪرايو ويو. ڇو پنجن منٽن ۾ ان کي پاس ڪيو ويو.پپلز پارٽي جو وزير شرجيل ميمڻ صاحب چئي ٿو ته ان بلدياتي نظام تي گذريل ٻن سالن کان اتحادين سان ڳالھ ٻولھ ڪندا پيا اچون رات جي اونداھي ۾ نه آندو آھي ته پوءِ سندس جا اتحادي ايم ڪيو ايم کان سواءِ مسلم ليگ ف، ق ليگ، اي اين پي ، اين پي پي بل خلاف احتجاج ڇو ڪيو ۽ انھن جي احتجاج کي ڇو نه ٻڌو ويو ۽ انھن کي اھميت ڇو نه ڏني وئي ، ان ڏينھن تي سڄي سنڌ احتجاج پئي ڪري روڊ رستا ھڙتال جي ڪري ويران ھئا ان کي اھميت ڇو نه ڏني وئي ڇا اھا آھي جھموريت يا ڊڪٽيرشپ ائين ته فوجي حڪومت ۾ به نه ٿيندو آھي. پر ھنن کي مٿان کان حڪم جو مليل ھو ته جن آرڊيننس جن آندو آھي سي (ايم ڪيوايم) ڀلا ڪا غلط ڳالھ ڪري سگھن ٿا. مٿان وري ايم ڪيو ايم وارن کين ڌمڪي جا ڏني ته ٽن ڏينھن ۾ اسان حڪومت کان ڌار ٿيندا سين سو اسان وارن وزيرن جو ساھ پيو وڃي حڪومت وئي ته اسان زنده ڪئين رھندا سين ڀلا اھڙي موت جي مسئلي تي وھي قوم آگاه ڪجي يا اھو بل تڪڙ ۾ پاس ڪرائجي جنھن جي پاس نه ٿيڻ سان يا دير ٿيڻ سان سنڌ جي ھنن صاحبن جي حڪومت ھلي وڃي ھان ۽ وري اھڙو موقعو وري ڪڏھن ملي ھان ھنن کي سنڌ کپائڻ جو.
ھنن جو ھڪ ٻيو وزير اياز سومرو صاحب چئي ٿو ته مخالف ڌر ترميمو آڻي ته آرڊيننس ۾ ترميم ڪري سگھجي ٿي. اھو ھاڻي ڇو جڏھن توھان بل اسيمبلي مان پاس به ڪرائي ڇڏيو آھي پوءِ ان ۾ ترميم ڇو معني ته بل ڪجھ ڳالھيون نقصان ڪار آھن پر جي ھاڻي ڪا مخالف ڌر جي چوڻ تي ترميم ڪجي ته بل پيش ڪرڻ کان پھريان ان ڳالھ جو خيال ڇو نه رکيو ويو ۽ اھوئي بل اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان پھريان مخالفت ڪندڙ ڌرين سان مشورو ڇونه ڪيو ويو.
ٿيڻ ته ائين کپندو ھو ته جنھن بل تي پپلز پارٽي جي وزيرن جي چوڻ مطابق ٻن سالن کان ڪم ڪيو ويو ته ان ٻن سالن ۾ ان آرڊيننس اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان پھريان عوام آڏو پيش ڪيو وڃي ھان. جئين ھاڻي ان کي اخبار ۾ اشتھار جي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي ته بل پاس ڪرڻ کان پھريان ان کي عوام آڏو آڻي ٻڌايو وڃي ھان ته ھي بل اسان آڻڻ چاھيون ٿا ۽ ان مان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ھي فاعدو ٿيندو. منھنجي خيال ۾ ائين ڪرڻ کان پوءِ پپلز پارٽي کي وضاحت ڪرڻي نه پئي ھان ۽ پوءِ فخر سان چون ھان ته اسان عوام جي مفاد وٽان بل آندو آھي. پر ائين ڪرڻ سان شايد ھنن جو اھم اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم ناراض ٿي وڃي ھان ڇو ته ائين ڪرڻ سان بل پيش ڪرڻ ۾ منھيني کان وڌيڪ ٽائم لڳي وڃي ھان ۽ ايم ڪيوايم ھنن کي ته صرف 3 ڏينھن جو ٽائم ڏنو ھو ۽ ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ ڪيڏو وڏو ڏوھ ٿئي ھان،ان ڪري ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي رات جي تاريڪي ۾ آندل سنڌ دشمن ٻٽي نظام وارو بل پنجن منٽن ۾ پاس ڪري سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورھائي ڇڏيو ۽ ايم ڪيوايم سان وفاداري جي ڪري سنڌ سان غداري ڪئي.
ٻيو ته سنڌي عوام جو ردعمل فطري آھي اھو ان ڪري جو ھڪ رات جي اونداھي ۾ آرڊيننس آندو ويو ٻيو ته عوام اھو ڏسندو اھو آھي ته آئين ۽ قانون ٺاھڻ وارن جي ڪيتري ساخ آھي رڳو اھو ڪونه آھي ته توھان اليڪشن کٽي آيا ۽ توھان پنھنجي مرضي سان عوام جي خلاف ڪو آئين يا قانون ٺاھيو ۽ عوام ماٺ ڪري ويھي ، جن ھي آَئين يا قانون يا نظام آندو سو رات جي اونداھي ۾ ان ڌر ايم ڪيوايم جي سنڌ جي اندر ڪا ساخ سٺي نه آھي پر ايم ڪيو ايم کي سنڌي عوام سدائين پنھنجو دشمن سمجھندو آيو آھي ۽ ھو ان اڄ به دشمن سمجھي ٿو ان ڪري جيڪو نظام ايم ڪيو ايم جي پسند جو ھوندو اھو يا سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ لاءِ ھوندو اھو نظام سنڌ ۽ سنڌي عوام ڪڏھن به قبول نه ڪندا .
ھن وقت سنڌ ۽ سنڌي عوام به پپلز پارٽي جي موجوده قيادت تي اعتبار نه ٿي ڪري ڇو جو 2008ع واري اليڪشن کان اڳ جيڪي محترمه بينظير ڀٽو سنڌي عوام سان واعدا ڪيا ھئا انھن مان ھڪ به موجوده قيادت پورو نه ڪيو آھي. جن ۾ ٿل ڪئنال کي روڪڻ، حيدرآباد جي اصلي صورت ۾ بحالي، ڪراچي کي ھڪ ضلع بجاءِ ان کي به اصولڪي صورت ۾ آڻڻ، غربت گھٽائڻ ۽ بي روزگار سنڌي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ پر محترمه جي شھيد ٿيڻ کان پوءِ پپلزپارٽي جي موجوده قيادت انھن ڪمن مان ڪوبه ڪم نه ڪيو پر ان جي ابتڙ پپلز پارٽي جي موجوده قيادت سنڌي عوام جي ازلي دشمن ايم ڪيو ايم کي اقتدار ۾ حصو ڏنو ۽ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن تي لڳل پابندي اڃان تائين برقرار آھي ٻيو ته ٺھيو پر جنھن کي پپلز پارٽي قاتل ليگ سڏيو اھا رات پيٽ ۾ پاڪ ٿي وئي جو بينظير جي قتل جو بدلو وٺڻ بجاءِ ان کي به ڊپٽي وزير اعظم ڪيو ويو. سو پپلز پارٽي جي انھن سڀني عملن کي سنڌي عوام ھاڻي چڱي طرح سڃاڻي ۽ سمجھي ٿو.باقي ايم ڪيو ايم جي آندل ڪاري قانون لاءِ ڪنھن به سنڌي کي پي ايڇ ڊي جي ضرورت نه آھي نه وري ڪنھن ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت آھي .
غلام حسين سومرو نوشھروفيروز
Soomroh29@yahoo.com

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button