خيرپور

8 کان 10 هزار وڌيڪ نوان ماستر ڀرتي پڻ ڪيا ويندا،وڏو وزير

CM Talking to mediaخيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي آصف علي زرداري جي قيادت ۾ صبر، تحمل ۽ سياڻپ سان چئن سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪري رهي آهي جڏهن ته ان کان اڳ ۾جمهوري حڪومتن جي اقتدار کي ٻن ٽن سالن کان وڌيڪ هلڻ نه ڏنو ويندو هو ۽ چور دروازي کان ايندڙ آمر حڪمرانن کي اقتدار ۾ رهڻ جو وڌ ۾ وڌ وقت ڏنو ويندو هو. هن اهڙو اظهار يونين ڪائونسل فقير آباد جي ڳوٺ عطا محمد چانڊيو ۾ سُپريم ڪورٽ جي ڊپٽي اٽارني جنرل شفيع محمد چانڊيو جي رهائشگاهه تي ساڻس گهر واري جي وفات تي تعزيت ڪرڻ کان بعد ۾ عام ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده حڪومت پاران صحت ۽ تعليم جي شعبي کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون ويون آهن جڏهن ته پڙهيل نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن ۽ اڌ پڙهيل نوجوانن کي نوڪري جي لائق بڻائڻ لاءِ سکيا سان گڏ 3 کان 4 هزار وظيفو ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته بيروزگاري تمام گهڻي آهي ۽ موجوده حڪومت پنهنجن محدود وسيلن جي هوندي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ۽ هزارين بيروزگارن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي جڏهن ته تربيت وٺندڙ بيروزگار نوجوانن کي پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت صوبي اندر هر ضلعي ۾ بنا تفريق عوام کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون آهن. مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ جديد اسپتالون قائم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته ڪاري ڪامڻ جي خاتمي لاءِ الڳ بجيٽ رکي وئي آهي ۽ مختلف اسپتالن ۾ ڪاري ڪامڻ جي مريضن کي مفت علاج لاءِ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته خيرپور اندر مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج هلي رهيو آهي جڏهن ته جلد ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڪيڊٽ ڪاليج پڻ قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ وڌ ۾ وڌ بجيٽ رکي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عوام جي بنيادي مسئلن کي ڪافي حد تائين حل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بند اسڪول کوليا ويا آهن جڏهن ته 8 کان 10 هزار وڌيڪ نوان ماستر ڀرتي پڻ ڪيا ويندا جنهن ۾ علائقائي ماڻهن ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته تعليم جي معيار کي بهتر ڪرڻ استادن کي وڌ ۾ وڌ سهولتون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته تعليمي ادارن جو انفرا اسٽرڪچر پڻ بهتر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 18 هين ترميم کان بعد ۾ صحت ۽ تعليم جا کاتا صوبن کي مليا آهن جنهن سان سنڌ صوبي اندر تعليم ۽ صحت جي کاتن ۾ وڌ ۾ وڌ بهتري آندي وئي آهي. ان کان اڳ وڏي وزير ڳوٺ سومر ملاح ۾ پنهنجي خاص معاون حاجي امتياز ملاح جي افطار پارٽي ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني ، اڳوڻو سفير ايم بي عباسي، مشهور صنعتڪار مبين احمد جماڻي، پيپلز پارٽي اڳواڻ ساجد علي ٻانڀڻ، لعل بخش منگي، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي بعد ۾ وڏي وزير ڪنب ويجهو ڳوٺ ولي محمد ڀٽي ۾ مرحوم فقير محمد نظير ڀٽي جي وفات تي سندس پوئنرن سان ، ڳوٺ عطا محمد چانڊيو ۾ سُپريم ڪورٽ جي ڊپٽي اٽارني جنرل شفيع محمد چانڊيو جي رهائشگاهه تي ساڻس گهر واري جي وفات تي ۽ ڪولاب جيئل ۾ مرحوم عبد الحميد ابڙو جي وفات تي سندس پٽ عبد السميع ابڙو سان تعزيت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button