مختصر خبرون

ڳورهاري عورت کي اسپتال کڻي ويندڙ ڳوٺاڻن کان ڦرلٽ

پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح) پير ڳوٺ ۾ ڳورهاري عورت کي اسپتال کڻي ويندڙ ڳوٺاڻا ڊي ايس پي هائوس ڀرسان هٿياربندن هٿان يرغمال، ڦرلٽ، احتجاج، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ جيئند خان جوڻيجو جا رهواسي صفيع الله جوڻيجو، انعام جوڻيجو ۽ حليم الله جوڻيجو جيڪي ڳورهاري عورت کي ويم لاءِ پيرڳوٺ اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته پيرڳوٺ ۾ ڊي ايس پي هائوس ڀرسان 3 هٿياربندن سندن چنگچي رڪشا کي روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي روڪ رقم، موبائيل فونون ۽ ٻيو سامان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن واقعي خلاف متاثرن سخت احتجاج ڪندي چيو ته ڊي ايس پي پيرڳوٺ هائوس ڀرسان اسان کان ڦرلٽ ٿي آهي ۽ پوليس چونڪي هئڻ باوجود ڪوبه پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي موجود نه هيو جنهنڪري هٿياربندن فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button