ملير

گهگهر جي مسئلن تي مقامي، سياسي، سماجي ۽ راڄوڻي آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

ملير (خاص نمائندو) گهگهر جي مسئلن تي مقامي، سياسي، سماجي ۽ راڄوڻي آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ سميت ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ راڄن جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. هن گڏيل ڪانفرنس ۾ گهگهر علائقي جي تاريخي، تهذيبي، معاشي ۽ سماجي صورتحال جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ويو ۽ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ويو ته صدين کان آباد هي علائقو پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ حڪمرانن، چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري ادارن طرفان مسلسل نظرانداز ٿي بنيادي انساني حقن ۽ سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جيستائين علائقي جا سمورا ماڻهو، راڄن جا چڱا مڙس، سياسي ۽ سماجي ڌريون گڏيل جدوجهد نه ڪنديون تيستائين مسئلن جو حل ٿيڻ مشڪل آهي. ڪانفرنس ۾ گڏيل فيصلو ڪري اعلان ڪيو ويو ته پهرين آگسٽ تي گهگهر جي بنيادي مسئلن گئس، روڊن جي تعمير، صحت، تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ شام 4 وڳي گهگهر جي مک چوڪ تان احتجاجي ريلي ڪڍي گهگهر جي بازارن مان گشت ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي محمد علي ٻٻر چيو ته گهگهر نئي جيڪا علائقي جي سونهن، ساوڪ ۽ خوشحالي جو اهڃاڻ هئي اها اجڙي تباهه ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ فيڪٽرين جو گند ۽ ڪچرو ڳوٺاڻن جي روزگار جو اڪيلو ذريعو چوپايو مال به زهريلو پاڻي پيئڻ سبب مري رهيو آهي. علائقي ۾ موجود وڏي تعداد ۾ فيڪٽرين جي موجودگي باوجود مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ته هڪ طرف کين گيٽ تائين اچڻ کي به برداشت نٿو ڪيو وڃي. ڪيترائي قديم ڳوٺ اڃا تائين ليز جي حق کان محروم آهن. هن چيو ته ڳوٺاڻن جي سچائي، حقيقت پسندي ۽ ارڏائي سبب حڪومتي پارٽي، وڏيرا ۽ چونڊيل نمائندا هن علائقي جي رهواسين کان اڪثر ناراض رهندا آهن، جنهن جي سزا کين بنيادي سهولتن کان محروم رکي ڏني پئي وڃي. جسقم جي تعلقي صدر علي نواز مستوئي چيو ته گهگهر کي بچائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سموريون ڌريون سياسي ويڇا وساري گڏيل جدوجهد ڪن، ٻي صورت ۾ مقامي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائي سندن اباڻن پڊن تي قبضو ڪري کين بيدخل ڪيو ويندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضمير سمون چيو ته گهگهر جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب رهواسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي گڏيل حڪمت عملي تحت سمورن راڄن کي گڏ کڻي بنيادي سهولتن ۽ روزگار جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button