مختصر خبرون

لاکاروڊ فيڊر جي لائن سپرنٽيڊنٽنٽ ۽ لائن مئن خلاف احتجاجي مظاهرو

اياز عباسي،ڪنڊيارو
ڪنڊيارو تعلقي جي مختلف ڳوٺ محمد مٺل ڪلو،صالح ڪلو،محمد خان ڪلو،قادر بخش ڪلو سميت ڳوٺن جي سوين رهواسين پاران اڳوڻي ڪائونسلر گل شير ڪلو جي اڳواڻي ۾ لاکاروڊ فيڊر جي لائن سپرنٽيڊنٽنٽ ۽ لائن مئن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي نٽهڻ اس ۾ پريس ڪلب ڪنديارو اڳيان ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي مظاهرين الزام هڻندي چيو ته لاکاروڊ فيڊر جي لائن سرپرنٽيڊنٽنٽ رياض سهتو ۽ لائن مئن شاهه علي سندن خلاف رڻ ڏنو آهي ۽ ٽي هزار رپيا رشوت جي عيوض فيڊر مان پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي غيرقانوني طور تي پاور فل پاڻيءَ وارا موٽر ۽ روٽر هلائڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جنهن سبب مذڪوره ڳوٺن جا ٽي ٽرانسفارمر لوڊ وڌي وڃڻ سبب اڪثر سڙيو وڃن جنهن سبب هن قيامت خيز گرميءَ توڻي رمضان شريف جي مقدس مهينن ۾ به هفتن جا هفتا بجلي بند رهي ۽ ٻار ٻچا،عورتون توڻر بيمار وغيره گرميءَ سبب تڙپندا رهن ٿا جنهن بعد ساڳين ئي متاثر ڳوٺاڻن کان چندي جي نالي ۾ هزارين رپيا اوڳاڙي ڪرڻ بعد ٻيهر ٽرانسفارمر ٺاهي ڏنا وڃن ٿا ۽ ان موڙيءَ ۾ مذڪوره پاڻي وارا موٽر استعمال ڪندڙن کان ٽڪو به نه ٿو ورتو وڃي،جنهن سبب اسان ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهيون،ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته مذڪوره معاملي جي بار بار نشاندهي توڻي شڪايتن باوجود ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي الٽو کين ڌمڪيون،داٻا ڏئي واپس موٽايو وڃي ٿو ۽ لائن سپرنٽيڊنٽنٽ رياض سهتو جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن موٽر يا روٽر هلن ٿا ته بجلي سرڪار جي چوري ٿئي ٿي اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي. هنن سيپڪو جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته خدارا واقعي جي پاڪ ڪتاب تي اڻڌري جاچ ڪري مذڪوره راشي سيپڪو عملدارن خلاف محڪماتي ڪاروائي ڪري کين پاڻي چورن کان نجات ڏياري سندن ٽرانسفارمرن کي سڙڻ ۽ کين گرميءَ ۾ تڙپڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button