شهدادڪوٽ

جسقم آريسر گروپ پاران سيف الله ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جي کاٽي هنيل گھوٻين خلاف احتجاج

ضمير کرل، شهدادڪوٽ
shahdadkot khati j kam main karapshan karan khilaf jsqm aresar group jo muzahiro 1شهدادڪوٽ ۾ جسقم آريسر گروپ پاران سيف الله ڪئنال ۽ کيرٿر ڪئنال جي کاٽي جي ڪم ۾ هنيل گھوٻين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ڪارڪنن فرمان مستوئي ، يارمحمد ميراڻي ، طفيل ڀٽي ، عرفان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو تي احتجاجي مظاهرو ڪندي بک هڙتال ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته آبپاشي عملدار کيرٿر ۽ سيف الله برانچ جي ريماڊلنگ ، کاٽي جي ڪم ۾ ڪم ڪرائڻ بدران (80) ڪروڙ روپيا هڙپ ڪيا آهن ، هنن چيو ته هنن من پسند ٺيڪيدارن نالي تي ڪاغذي ڪاروائي ڪري رڪارڊ ڪرپشن ڪئي آهي ، سندن چوڻ هو ته کاٽي نه ٿيڻ سبب پوڇڙي جا هزارين آبادگار پاڻي ڦُڙي لاء پريشان آهن ، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گھر ڪئي آهي ته عملدارن جي ڪرپشن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي هزارين آبادگارن کي نقصان کان بچائي قومي خزاني لُٽيندڙن کي جيل ڀيڙو ڪيو وڃي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button