انٽرويو

شر پسند ماڻھو منھنجي جتوئي برادري کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ساجد علي جتوئي

lrk interweo sajjid ali jatoiلاڙڪاڻو (ڳالھھ ٻولھھ: بختيار بگٽي) جتوئي برادري جي ھر ماڻھو جي ڏک توڙي سک ۾ گڏ رھندس مان پنھنجي زندگي ھر ھڪ جتوئي برادري جي ماڻھو لاءِ وقف ڪري ڇڏي آھي آءُ جتوئي برادري جي ھر جائز مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس اھڙين ڳالھين جو اظھار آل لاڙڪاڻھ جتوئي برادري جي چيئر مين ساجد علي جتوئي جون انڊس نيوز سان انٽرويو دوران ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيون. ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو آھي تھ مون لاڙڪاڻي ۾ جتوئي برادري کي ھڪ پيلٽ فارم تي آڻي انھن اٻوجھھ ماڻھن کي گڏ ڪيو تھ جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ پنھنجو ماڻھو بيھاري عوامي حق حاصل ڪري سگھون ۽ انھن کي پنھجا جائز حق وٺي ڏيڻ ۾ آساني ٿئي ھن چيوتھ مون لاڙڪاڻي ۾ مختلف ڳوٺن جو دورو ڪري جتوئي ڀائرن کي ھڪ ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪيم ڪجھھ شر پسند ماڻھو منھنجي برادري کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جيڪو ڪامياب ٿيڻ نھ ڏينداسين اسان ايندڙ مھيني جي اندر ھڪ وڏو جلسو بھ ڪرائينداسين ۽ انھن شر پسند ماڻھن کي ٻڌائينداسين تھ جتوئي برادري متحد آھي ۽ متحد رھندي ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيوتھ مان ھڪ نوجوان ماڻھو آھيان ۽ پنھنجي برادري جي يونين جو چيئر مين پڻ آھيان مان پنھنجي برادري جي ننڍي توڙي وڏي جو عزت ، احترام ڪريان ٿو ۽ انھن جي ھر ڏک ۽ سک ۾ گڏ رھندس. ھن چيوتھ مان پنھنجي برادري مان اميد ڪريان ٿو تھ ھو اڃا بھ پاڻ ۾ وڌيڪ متحد ٿين تھ جيئن ھنن کي ڪو ٽوڙڻ وارو پيدا نھ ٿئي. ھن چيوتھ اسان جا ڪيترائي اھڙا ڳوٺ آھن جتي ھن وقت تائين ڪنھن بھ حڪمرانن نھ بجلي، نھ گئس ،نھ ٽليفون ، نھ اسڪول ۽ نھ ئي اھڙو ڪو اسپتال قائم ڪرايو آھي . مان پنھنجي پٺ تي پيل انھن ڳوٺن جي ھر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندس تھ جيئن انھن علائقن ۾ توڙي ڳوٺن ۾ برادري جا ماڻھو آسان زندگي گذاري ۽ تعليم حاصل ڪري روشن مستقبل ڏانھن روان ٿين. ھن چيوتھ مان پنھنجي جتوئي برادري کان علاوھ ٻين برادرين لاءِ بھ پتوڙيندس تھ جيئن ھر انسان ذات جا ڏکي ۾ ڏکيا مسئلا آسان ٿي سگھن. مون کي اڄ خوشي محسوس ٿي رھي آھي تھ مان پنھنجي برادري جي ھر ڏ ک توڙي سک ۾ شامل ٿي چڪو آھيان. جتوئي برادري جي چيئر مين ساجد علي جتوئي وڌيڪ چيوآھي تھ مان پنھنجي برادري جي ھر ان غريب جي اولاد جي تعليم خاطر اسڪول قائم ڪرائيندس تھ جيئن اھي ٻار تعليم جو زيور حاصل ڪري اعلي مستقبل ڏانھن پاڻ کي ھن ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪجھھ ڪري سگھن ۽ اڳتي وڌي پنھنجي ملڪ توڙي ذات جو نالو روشن ڪن. مان پنھنجي ھر ان برادري کي انڊس نيوز جي ذريعي آواز ٿو ڏيان تھ اھي اڃا بھ متحد ٿي پنھنجي روشن مستقبل توڙ ي آئندھ نسل کي ڪاميابيءَ جي راھھ تي گامزن ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button